ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عيد نماز جي اجازت لاءِ درخواست

لاهور (بيورو) لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي، اعجاز چوڌري، عمر سرفراز چيمه ۽ ميان محمود الرشيد جيل سپرنٽنڊنٽ کي باضابطه درخواست ڏئي عيد جي نماز ادا ڪرڻ جي اجازت گهري آهي،قيدين موجب اسان جي قيد دوران  ٽئين عيد آهي، پر اڃا تائين نماز عيد ادا ڪرڻ جي اجازت نه ملي آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مذهبي فريضو ادا ڪرڻ کان روڪڻ غير آئيني عمل آهي ۽ قيدين کي بنيادي مذهبي حق فراهم ڪيا وڃن، درخواست ۾ جيل انتظاميا کان اپيل ڪئي وئي آهي ته عيدالفطر جي موقعي تي قيدين کي اجتماعي نماز عيد ادا ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، جيئن اهي پنهنجو مذهبي فريضو ادا ڪري سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.