رياض (م ڊ) اسلامي ملڪن ايران کان پاڙيسري ملڪن خلاف حملا فوري طور روڪڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس سعودي عرب گادي واري شهر رياض ۾ ٿيو، جتي علائقائي سلامتي ۽ استحڪام بابت ڳالهيون ڪيون ويون، اجلاس دوران سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان ايران جي طرفان خليجي ملڪن تي حملا ناقابل قبول قرار ڏيندي چيو ته سعودي عرب فوجي ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو، هن خطاب ڪندي چيو ته ايران علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌائي رهيو آهي ۽ پاڙيسري ملڪن خلاف جارحاڻو رويو اختيار ڪري رهيو آهي، جڏهن ته مسئلي جي حل لاءِ ڳالهين جي حمايت جاري رکڻ جو پڻ اظهار ڪيو ويو، اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ڪئي، جڏهن ته پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان سڀني ملڪن خلاف حملا بند ڪرڻ تي زور ڏيندو، اجلاس ۾ آذربائيجان، بحرين، شام، قطر، ترڪي، گڏيل عرب امارات سميت ڪويت، اردن ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن به شرڪت ڪئي، اجلاس جي پڄاڻي تي جاري ڪيل گڏيل پڌرائي ۾ ايران جي حملا جي سخت مذمت ڪئي وئي، پڌرائي موجب ايران نار ملڪن جي سول انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائي رهيو آهي، جنهن ۾ هوائي اڏا، تيل جون تنصيبون، سفارتخانا ۽ عوامي جايون شامل آهن، ۽ اهڙا حملا ڪنهن به صورت ۾ جائز ناهن، اعلاميي ۾ چيو ويو ته گڏيل قومن جي آرٽيڪل 51 تحت نار جي رياستن کي دفاع جو حق حاصل آهي، اسلامي ملڪن ايران کان مطالبو ڪيو ته هو بين الاقوامي قانونن جو احترام ڪري، پاڙيسري ملڪن خلاف حملا فوري طور بند ڪري ۽ علائقي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي، اعلاميي ۾ ايران کان اهو به مطالبو ڪيو ويو ته آبنائي هرمز کي محفوظ بڻايو وڃي ۽ عالمي واپار ۾ ڪنهن به قسم جو خلل پيدا نه ڪيو وڃي.