پشاور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽر فخر زمان بنگلاديش خلاف ون ڊي سيريز نه کيڏڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندڙ فخر زمان کي بنگلاديش خلاف ون ڊي سيريز ۾ شامل نه ڪيو ويو هو، جنهن تي مختلف تبصرا ڪيا ويا.
سليڪٽر عاقب جاويد فخر زمان جي فٽنيس جي حوالي سان خدشا ظاهر ڪيا هئا، جڏهن ته مداحن عاقب جاويد تي سخت تنقيد ڪئي هئي.
پنهنجي عدم شرڪت بابت فخر زمان چيو ته مان ون ڊي ميچون کيڏڻ لاءِ 100 سيڪڙو فٽ نه هيس ۽ ان معاملي ۾ عاقب جاويد درست آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مان 15 مارچ تي فٽنيس ٽيسٽ ۾ ڪليئرنس ملڻ کانپوءِ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ شرڪت ڪئي.
You might also like