انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪيه جي مشهور فيشن انفلوئنسر عائشا گل ايراسلان پراسرار نموني فوت ٿي وئي.
27 ورهين جي عائشا گل کي استنبول جي علائقي ڪاغيٿاني ۾ موجود سندس رهائشگاهه مان مئل حالت ۾ هٿ ڪيو ويو.
پوليس ۽ پراسيڪيوٽر اتي پهچي معائنو ڪيو ۽ لاش کي وڌيڪ فرانزڪ جاچ لاءِ منتقل ڪيو ويو ته موت جو ڪارڻ معلوم ٿي سگهي.
شروعاتي جاچ موجب عائشا گل تازو ٻاهرئين ملڪ جو سفر ڪري موٽي هئي، جاچ دوران عمارت جي سيڪيورٽي فوٽيج به ڏٺي وئي، جنهن ۾ هڪ شخص کي سندس گهر داخل ٿيندي ۽ پوءِ ٻاهر ويندي ڏٺو ويو.
پوليس ان شخص کي پڇا ڳاڇا کانپوءِ ڇڏي ڏنو، سندس وڪيلن موجب هو موقعي تي موجود نه هو.
اختيارين اڃا تائين ڪنهن قسم جي بدفعلي جي تصديق ناهي ڪئي پر ڪيس کي شڪي قرار ڏيندي جاچ جاري آهي.
You might also like