سريلنڪا جي اڳوڻي اسٽار ڪرڪيٽر سنٿ جي سوريا جي هڪ منفرد روايت سامهون آئي آهي، جنهن تحت هو ننڍپڻ کان رمضان المبارڪ جا روزا رکندو آهي، توڙي جو ان جو تعلق ٻڌ مذهب سان آهي.
جي سوريا موجب مان اسڪول جي دور کان رمضان دوران هڪ روزو رکندو آهيان ته جيئن پنهنجي مسلمان دوستن سان گڏ ان مقدس مهيني جي روح کي محسوس ڪري سگهان.
هن پنهنجي ان روايت کي ڪرڪيٽ ڪيريئر دوران به جاري رکيو ۽ اڄ تائين ان تي عمل ڪري رهيو آهي.
تازو سوشل ميڊيا تي جي سوريا جي دوستن سان گڏ افطاري جي وڊيو وائرل ٿي، جنهن کي مداح ساراهي رهيا آهن.
Prev Post
You might also like