اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) بجلي جي قيمت وڌائڻ جي درخواست ڪئي آهي. سي پي پي اي فيبروري جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جي قيمت ۾ 1.64 رپيا واڌ جي درخواست ڪئي آهي.سي پي پي اي جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فيبروري ۾ ڊسڪوز کي 7.42 ارب 7 ملين يونٽ بجلي فراهم ڪئي وئي.نيپرا سي پي پي اي جي درخواست تي 31 مارچ تي ٻڌڻي ڪندو ۽ نيپرا جو فيصلو ڪي-اليڪٽرڪ سميت ملڪ جي صارفين تي لاڳو ٿيندو.