ڪراچي (رپورٽر) منگهو پير ناردرن بائي پاس دعا هوٽل ڀرسان ٽرالر ۽ جيپ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، تفصيل موجب تيز رفتار ٽرالر ۽ جيپ وچ ۾ ٽڪر ٿيو جنهن سبب جيپ مڪمل طور تباهه ٿي وئي، حادثي ۾ فوت ٿيل ۽ زخمي ٻئي ڄڻا جيپ ۾ سوار هئا، اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي چهيپا ايمبولينس ذريعي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو، ايس ايڇ او انيس الرحمان موجب حادثو ٽرالر ۽ جيپ جي ٽڪر سبب پيش آيو، جڏهن ته ٽرالر جو ڊرائيور گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو، پوليس ٽرالر کي قبضي ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، ريسڪيو اختيارين موجب زخمي جي سڃاڻپ 30 ورهين جي شاڪر طور ٿي، جيپ ۾ سوار ٻه ڄڻا معجزاتي طور محفوظ رهيا، جيڪي پورهيت هئا ۽ ڇت ڀرائي جو ڪم ڪندا هئا، حادثي ۾ محفوظ رهندڙ تنوير موجب فوت ٿيل شخص کي پٺاڻ جي نالي سان سڏيو ويندو هو، سندس اصل نالو خبر نه پئجي سگهيو.