ڪرپشن جو الزام، لياري ٽائون چيئرمين ناصر بلوچ کي هٽايو ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ هڪ ارب 44 ڪروڙ رپين جي تڪرار کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت لياري ٽائون جي چيئرمين ناصر ڪريم بلوچ کي هٽائي ڇڏيو، پارٽي جي هدايت تي ٽائون وائس چيئرمين اقبال هڱورو قائم مقام چيئرمين طور چارج سنڀالي ورتي، ذريعن موجب ناصر ڪريم بلوچ ۽ پارٽي جي ٻين ميمبرن وچ ۾ ٽائون ڪائونسل جي ڪجهه معاملن تي اختلاف وڌي ويا هئا، جڏهن ته انهن ميمبرن کي ميونسپل ڪمشنر حماد اين ڊي خان جي مڪمل حمايت پڻ حاصل هئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه مهينا اڳ انهن ميمبرن ناصر ڪريم بلوچ خلاف بي اعتمادي جي تحريڪ به جمع ڪرائي هئي، جيڪا پارٽي قيادت جي مداخلت سبب روڪي وئي هئي، اختلاف ان وقت وڌيڪ وڌي ويا جڏهن سوئي گيس کاتي طرفان لياري ٽائون کي روڊ ڪٽنگ جي مد ۾ هڪ ارب 44 ڪروڙ رپيا مليا، پارٽي ميمبرن جو موقف هو ته اها رقم لياري جي ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪئي وڃي، جڏهن ته چيئرمين جو چوڻ هو ته پارٽي چيئرمين اڳ ئي لياري لاءِ ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪري چڪو آهي، تنهن ڪري اها رقم فوري خرچ نٿي ڪري سگهجي، لياري ٽائون جي ڪائونسل ميمبرن موجب چيئرمين علائقي جي ترقي لاءِ ڪا خاص ڪارڪردگي ڏيکاري نه سگهيو، جنهن سبب علائقي ۾ پارٽي جي مقبوليت متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.