ڀارتي جيلن ۾ قيد مهاڻن جي آزادي لاءِ ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي (رپورٽر )ابراهيم حيدري جي علائقي علي اڪبر شاهه ڳوٺ ۾ ڀارتي جيلن ۾ قيد پاڪستاني مهاڻن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان هڪ پرامن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ وڏي انگ ۾ مائرن، ڀينرون، ٻارن ۽ ڀائرن شرڪت ڪئي،جن پنهنجي پيارن جي محفوظ واپسي لاءِ آواز اٿاريو، هي احتجاج پاڻ متاثر خاندانن جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو. ڪوسٽل ميڊيا سينٽر جي صدر، سيد ڪمال شاهه پڻ ان موقعي تي موجود هئا ۽ هنن خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. مظاهري ۾ شامل ماڻهن پاڪستان جي حڪومت، سنڌ حڪومت، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کان اپيل ڪئي ته ڀارتي جيلن ۾ قيد بيگناهه پاڪستاني مهاڻن جي آزادي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. هنن چيو ته سندن پيارا ڪيترن سالن کان قيد ۾ سخت تڪليفون برداشت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سندن خاندان سخت معاشي بحران، بک ۽ بيبسي جو شڪار آهن، شرڪت ڪندڙن اهو به ٻڌايو ته عيد جهڙا خوشيءَ جا موقعا به هاڻي غم ۾ تبديل ٿي ويا آهن، ڇو ته ٻار پنهنجي والدين سان گڏ جشن ملهائڻ کان محروم آهن، مظاهرين اختيارين کان اپيل ڪئي ته انساني بنيادن تي فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن قيد مهاڻا محفوظ نموني پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.