”اسرائيل خطرناڪ ۽ غير ذميواراڻو قدم کنيو آهي“ قطر پاران ايران جي سائوٿ پارس گيس فيلڊ حملي جي مذمت

دوحا(ويب ڊيسڪ) قطر ايران جي سائوٿ پارس گيس فيلڊ تي اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪندي ان کي ”خطرناڪ ۽ غير ذميواراڻو قدم“ قرار ڏنو آهي.
قطري پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري هڪ بيان ۾ چيو ته سائوٿ پارس فيلڊ، جيڪا قطر جي نارٿ فيلڊ جي ايڪسٽينشن آهي، سان لاڳاپيل ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ علائقي ۾ جاري فوجي ڇڪتاڻ دوران انتهائي خطرناڪ قدم آهي.
هن چيو ته توانائي جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ عالمي توانائي سلامتي، علائقي جي ماڻهن ۽ ماحول لاءِ خطرو آهي.
قطري ترجمان سمورين ڌرين تي زور ڏنو ته هو اهم ۽ حساس ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ کان پاسو ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.