مٺي (ويب ڊيسڪ) مٺي سول اسپتال جي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي آپگهات واري معاملي تي وڏي وزير انساني حقن واري کاتي کي فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
انساني حقن واري کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر موجب، ٽيم ثبوت ۽ رڪارڊ گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ضلعي انتظاميا، صحت کاتي ۽ پوليس کان به تفصيل ورتا ويا آهن، شفاف ۽ منصفاڻي رپورٽ تيار ڪئي ويندي.
ان کانسواءِ واقعي جي جاچ لاءِ ڊي جي هيلٿ جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.
You might also like