سلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت رمضان المبارڪ کانپوءِ سرڪاري آفيسن لاءِ نئين شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، رمضان المبارڪ کانپوءِ سرڪاري آفيسن جو نئون شيڊيول مقرر ڪيو ويو، جيڪو عيد کانپوءِ فوري طور لاڳو هوندو.
اهڙيون سموريون سرڪاري آفيسون جتي هفتي ۾ پنج ڏينهن ڪم ٿيندو آهي، اتي آفيس ٽائيم صبح 8 وڳي کان شام 4 وڳي تائين هوندو، جڏهن ته منجهند 1 وڳي کان ڏيڍ وڳي تائين مانجهاندي ۽ نماز جو وقفو هوندو.
جتي هفتي ۾ ڇهه ڏينهن ڪم ٿيندو آهي، اتي آفيس ٽائيم صبح 8 وڳي کان منجهند 3 وڳي تائين مقرر ڪيو ويو آهي ، جڏهن ته لنچ ۽ نماز لاءِ 1 وڳي کان ڏيڍ وڳي تائين وقفو هوندو.
نوٽيفڪيشن موجب، سمورن وفاقي کاتن ۽ ماتحت ادارن کي عيد جي موڪلن کا پوءِ نئين شيڊيول تي سختي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
You might also like