آمريڪا ۽ اسرائيل جا ايران جي سائوٿ پارس گئس فيلڊ ۽ لاڳاپيل ذخيرن تي حملا

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي ۽ اسرائيلي هوائي حملن ۾ ملڪ جي وڏي سائوٿ پارس گئس فيلڊ ۽ ان سان لاڳاپيل ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو آهي.
ايراني سرڪاري ٽي وي موجب، عسلويه واري علائقي ۾ قائم تيل ۽ پيٽروڪيميڪل ذخيرن تي به حملا ڪيا ويا آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن حملن جي تصديق ٿي ته اهو جاري جنگ دوران پهريون موقعو هوندو جڏهن ايران جي تيل ۽ گئس جي بنيادي ٿاڪن کي سڌي ريت نشانو بڻايو ويو آهي.
واضح رهي ته سائوٿ پارس گئس فيلڊ ايران ۽ قطر جي گڏيل ڪنٽرول هيٺ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.