اماراتي اختيارين پاران ايراني حملن 2 فوجي اهلڪارن سميت 8 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي بچاءَ واري وزارت چيو آهي ته اماراتي ڊفينس سسٽم اڄ 13 بيلسٽڪ ميزائل ۽ 27 ڊرون تباهه ڪري ڇڏيا آهن.
اماراتي بچاءَ واري وزارت موجب، جنگ جي شروعات کان هينئر تائين ايران طرفان فائر ڪيل 327 بيلسٽڪ ميزائل، 15 ڪروز ميزائل ۽ اٽڪل 1700 ڊرون فضا ۾ ئي تباهه ڪيا ويا آهن.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايراني حملن جي نتيجي ۾ مجموعي طور اٺ ڄڻا مارجي ويا، جن ۾ هٿياربند فوج جا ٻه اهلڪار ۽ مختلف ملڪن سان واسطو رکندڙ 6 شهري شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.