اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)معاشي ماهر ڊاڪٽر عابد سلهري چيو آهي ته فائنانشل ٽائمز موجب، تيل برآمد ڪندڙ عرب ملڪن کي هاڻي تائين 16 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي، يعني روزانو تقريباً 1 ارب ڊالر جو نقصان.آمريڪا چار ڏينهن اڳ تائين هن جنگ تي 16 ارب ڊالر خرچ ڪري چڪو آهي.ايران هميشه چوندو رهيو ته هو آبناءِ هرمز بند ڪري ڇڏيندو، پر ڪڏهن به عمل نه ڪيو، پر هاڻي اصل ۾ ڪري ڏيکاريو،هن چيو ته ورلڊ فوڊ پروگرام وارننگ جاري ڪئي آهي ته جيڪڏهن هي جنگ جون تائين جاري رهي ته تقريباً 50 ڪروڙ ماڻهو شديد خوراڪ جي قلت جو شڪار ٿي سگهن ٿا.فائنانشل ٽائمز موجب، هڪ اهڙي قوم جيڪا مَرڻ کان نه ڊڄي ۽ درد ۽ تڪليف کان نه ڊڄي، اتي آمريڪا فتح جو اعلان نه ڪري سگهي ٿو.