مٺي واقعي سماج بابت ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا،مافيائن خلاف عدالتي جاچ ضروري

ڪراچي(ارباب چانڊيو)مٺي واقعي کان پوءِ هاڻي سماج، ٿرپارڪر جي ثقافت، رسم و رواج ۽ ماڻهن جي روين بابت ڪيترائي سوال اٿڻ لڳا آهن۔هن وقت جيڪي مافيائون سرگرم آهن، انهن کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ هي بهترين وقت آهي، ڇو ته هڪ ماڻهو پنهنجي جان ڏئي ٻين زندگين کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ  سان جيڪو ٿيو،جيڪڏهن هو زنده هجن ها ته پاڻ بيان ڪن ها ته وڌيڪ بهتر هجي ها، پر جيڪو ڪجهه پوءِ ٿيو ۽ ٿي رهيو آهي، ان مان لڳي ٿو ته اها خودڪشي نه پر قتل آهي۔ اهڙو قتل، جنهن جا نشان قاتلن جي گهر تائين وڃن ٿا، پر دروازي کان پوءِ اهي نشان ورهائجي وڃن ٿا ۽ قاتل اڃا تائين بچيل آهن،سنڌ حڪومت انڪوائري شروع ڪئي آهي ۽ ڪجهه ماڻهن کي معطل به ڪيو ويو آهي، پر اهو ڪافي ناهي۔ ڇو ته جنهن ريت ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ سان ورتاءُ ڪيو ويو، ۽ جنهن حد تائين کيس پهچايو ويو، جيستائين انهن ماڻهن کي به ساڳي صورتحال ۾ نه آندو ويندو، انصاف نه ٿيندو۔هي معاملو صرف مٺي جي اسپتال تائين محدود نه رهندو، اهڙو رويو ٻين اسپتالن ۾ به ٿي سگهي ٿو۔ پر مٺي جو معاملو ان ڪري وڌيڪ سنگين آهي ڇو ته هتي ڪافي عرصي کان مافيا جو راڄ آهي، ۽ انهن هڪ ماڻهو کي اهڙي طرح قتل ڪرايو جو ان کي خودڪشي ظاهر ڪيو پيو وڃي،تاريخ شاهد آهي ته اهڙا پراسرار قتل نوان مسئلا پيدا ڪندا آهن۔ هي معاملو انتهائي سنجيده آهي ۽ صحت کاتي لاءِ هڪ وڏو داغ بڻجي سگهي ٿو۔جيڪڏهن صحت کاتو پنهنجي مٿان لڳل هي داغ هٽائڻ چاهي ٿو ته صاف ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، جيڪا انهن ئي آفيسرن کان نٿي ٿي سگهي، ڇو ته جيڪڏهن پوليس پوليس خلاف جاچ ڪري، يا صحت کاتو پاڻ خلاف جاچ ڪري، ته ڇا انصاف ٿيندو؟ بلڪل نه۔اڄڪلهه هڪ نئون طريقو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ٿئي ٿو ته جاچ ٻئي ٿاڻي کي ڏني وڃي ٿي ته جيئن اثر کان آزاد رهي۔هاڻي مطالبو اهو آهي ته جيڪڏهن واقعي سچ تائين پهچڻو آهي ته پوءِ عدالتي جاچ   ڪرائي وڃي، جنهن جي نگراني هڪ ايماندار جج ڪري، جيڪو ڪنهن جي اثر هيٺ نه هجي۔جيڪڏهن سول سوسائٽي خاموش رهي ته پوءِ اها به ذميوار هوندي۔ماڻهو عيد جون تياريون ڪري رهيا آهن، پر جنهن گهر ۾ ماتم آهي، اتي ڪهڙي عيد ٿيندي؟جيئن اڳ ڪينالن خلاف تحريڪ دوران عيد کي احتجاج ۾ تبديل ڪيو ويو هو، اهڙي طرح هن معاملي کي به اڳتي آندو وڃي۔

  1. جاچ ٽيم مٺي پهتي،لاڳاپيل ماڻهن جا بيان قلمبند

مٺي:ڊي آءِ جي ميرپورخاص پاران مٺي سول اسپتال جي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ کي خودڪشي تي مجبور ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ جوڙيل جاچ ڪميٽي مٺي پهچي شاهديون گڏ ڪيون ۽ لاڳاپيل ماڻھن جا بيان قلمبند ڪيا، ڊي آء جي ميرپورخاص پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي ۾ ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين شاهه، ايس ايس پي ٿرپارڪر شعيب ميمڻ ، ڊي ايس پي مٺي ماجد قائم خاني، ڊي ايس پي ڊگهڙي خدا بخش ٿيٻو، انسپيڪٽر صاحب خان درس شامل آھي، جاچ ڪميٽي پاران ايس ايس پي آفيس ۾ لاڳاپيل ۽ الزام هيٺ آيل ماڻھن جا بيان قلمبند ڪرڻ سان گڏ واقعي واري ڪوارٽر جو پڻ معائنو ڪيو، هوڏانهن خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي پٽ صادق ڪريم شيخ، وارثن عبدالمالڪ شيخ ۽ ٻين جاچ ڪميٽي وٽ بيان رڪارڊ ڪرائڻ سان گڏ سندن مرضي موجب ڪيس داخل نه ڪرڻ جي شڪايت ڪئي،اسان ان ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ چاهيون ٿا جن جا مقتول نالا خطه ۽ وائيس ميسيج ۾ ظاهر ڪيا هئا، ڊاڪٽرعبدالڪريم شيخ کي  ٽارچر ۽ اذيتون ڏيئي خودڪشي تي مجبور ڪيو ويو،

  1. ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي قتل جو ڪيس 8 آفيسرن ۽ ملازمن مٿان داخل

مٺي( رپورٽ:غازي بجير)مٺي سول اسپتال جي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ کي ذھني اذيتون ڏيئي خودڪشي تي مجبور ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنل صحت کاتي جي 8 آفيسرن ۽  ملازمن مٿان مٺي ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿي ويو آھي ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي پٽ صادق علي شيخ جي فرياد تي داخل ڪرايل ڪيس ۾ ذھني ٽارچر ڏيئي خودڪشي تي مجبور ڪرڻ جا قلم 34_ 316 پي پي سي لڳايا ويا آھن، مٺي ٿاڻي تي داخل ڪرايل ڪيس ۾  خط ۽ وائيس ميسيج ۾ ظاهر ڪيل ذميوارن سول سرجن ڊاڪٽر هريش جڳاڻي، ميل اسٽاف نرس منٺار ڀيل، سردار ڀيل، ڊاڪٽر موهن لال کتري، ڊاڪٽر عبدالمالڪ نهڙيو، برڪت هنڱورجو، ايس او شفيق اڄڻ، رجب علي عرف عبدالڪريم ڪنڀار کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آھي  جڏهن فريادي محمد صادق ڪريم شيخ ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته جوابدارن گارگند، ذھني ٽارچر ۽ اذيتون ڏيئي منهنجي والد کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو، منهنجو والد خط ۽ وائيس ميسيج ۾ موت جي ذميوار سمورن جوابدارن جا نالا پاڻ ظاهر ڪيا هئا، انهن کي سندس موت جو ذميوار سمجهان ٿو، جوابدار منٺار ڀيل والد کي پهرين مارچ واري رات ڊيوٽي دوران فون تي گارگند ڪئي گٿا لفظ ڳالهايا پر ان جو ازالو ڪرڻ بدران ذھني اذيتون ڏنيون ويون، ڊاڪٽر عبدالڪريم کي جوابدارن هم صلاح ٿي ٽارچر ڪري خودڪشي تي مجبور ڪيو، ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ  جو پٽ محمد صادق شيخ، نياڻو عبالمالڪ شيخ ۽ ٻيا وارث مٺي پهتا،  ۽ ايس ايس پي سان ملاقات ڪري پوليس جي داخل ڪيل 174 اتفاقي موت واري رپورٽ خلاف سخت احتجاج ڪيو جنهن بعد پوليس پنهنجي داخل ڪيل رپورٽ واپس وٺندي ڪيس وارثن جي مرضي مطابق ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي جڏهن ته ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ پاران لکيل خط ۽ وائيس ميسيج ۾ موت جي ذميوار قرار ڏنل سمورن صحت کاتي جي آفيسرن توڙي ملازمن مٿان ڪيس داخل ٿي ويو

  1. جوابدارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ سنڌ جي عوام مان اميدون آهن:صادق شيخ

مٺي:ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي پٽ محمد صادق شيخ، نياڻي عبدالمالڪ شيخ  مٺي ٿاڻي تي سندن مرضي موجب ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ٿر سميت سڄي سنڌ جي شعور ۽ مٺي جي صحافي برادري جا ٿورائتا آھيون جن اسانجو ڀرپور ساٿ ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ اسان جو ڪيس داخل ٿي سگهيو آھي، هنن چيو ته اسان سنڌ جي عوام مان اڃان به اميد رکون ٿا ته جوابدارن کي سزا ڏيارڻ تائين اسانجو جو ساٿ ڏيندي، هنن چيو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم هڪ نفيس ۽ شفيق انسان هو ان کي اذيتون ڏيئي موت طرف ڌڪيو ويو اسان جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تي پهچائڻتائين خاموش نه ويهنداسين، هنن چيو ته مٺي جي ماڻھن اسانکي وڏي عزت ۽ محبت ڏني اسان اها ڪڏهن وساري نه سگهنداسين

  1. اسلام ڪوٽ ۾ نوجوان ڊاڪٽر پاران آپگهات جي ڪوشش

مٺي:اسلام ڪوٽ ۾ رورل هيلٿ سينٽر اسپتال ۾ پي پي ايڇ آءِ تحت ڊيوٽي ڪندڙ 28 ورهين جي نوجوان ڊاڪٽر راول راءِ ميگهواڙ مبينا طور پنهنجي مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي،مقامي ماڻهن موجب ڊاڪٽر راول ميهياري روڊ تي قائم هڪ يونٽ تان پيٽرول خريد ڪيو ۽ ڀرسان ئي پنهنجي پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي، واقعيجي اطلاع تي پوليس فوري طور پهچي زخمي ڊاڪٽر کي سرڪاري اسپتال اسلام ڪوٽ منتقل ڪيو، جتي ابتدائي علاج بعد سندس حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس وڌيڪ علاج لاءِِ ڪراچي منتقل ڪيو پيو وڃي،ڊيوٽي ڊاڪٽرن موجب باهه سبب زخمي ڊاڪٽر جي جسم جو لڳ ڀڳ 35 کان 40 سيڪڙو حصو متاثر ٿيو آهي،پوليس موجب وارثن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر راول نفسياتي مسئلن ۾ مبتلا هو ۽ سندس علاج پڻ جاري هو،جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.