رپورٽون آهن ته ايران خلاف هلندڙ جنگ ۾ آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ هاڻي اڪيلو ٿي رهيو آهي، اتحادي ملڪن برطانيا، فرانس، جاپان، جرمني، يونان ۽ آسٽريليا ان جنگ ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي جنهن جو اعتراف ۽ ڏک ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ به ڪيو آهي ۽ اتحادي ملڪن کي ميار به ڏني آهي. ايران خلاف اسرائيل ۽ آمريڪا جي جنگ ۾ برطانيا، جپان ۽ آسٽريليا سميت آمريڪا جا پراڻا ساٿي آبنائي هرمز واري سامونڊي لنگهه کي کولائڻ لاءِ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اپيل تي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن. جپان ۽ آسٽريليا بابت رپورٽون آهن ته انهن آبنائي هرمز لاءِ جنگي جهاز موڪلڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي. برطانوي اخبار موجب برطانيا جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر آبنائي هرمز کي کولڻ لاءِ ٽرمپ جي مدد واري اپيل کي رد ڪندي چيو آهي ته برطانيا ان لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته جيترو جلد جنگ ختم ٿيندي اوتري آساني ٿيندي. آسٽريليا جي وزير ڪيٿرين ڪنگ چيو آهي ته سندن ملڪ آبنائي هرمز ۾ جنگي جهاز موڪلڻ جو ارادو نٿو رکي.
ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٽو ۽ اتحادي ملڪن کي چيو هو ته اهي آبنائي هرمز جي سيڪيورٽي لاءِ پنهنجا سامونڊي جنگي جهاز موڪلين. جنهن جي جواب ۾ برطانيا جي وزير پيٽ مڪ چيو آهي ته ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جا حملا نيٽو جي جنگ ناهن. نيٽو جو دفاعي اتحاد اهڙي صورتحال کي ذهن ۾ رکي نه ٺاهيو هو جهڙي صورتحال هن وقت وچ اوڀر ۾ نظر اچي پئي. واضح رهي ته نيٽو 1949۾ آمريڪا ۽ برطانيا سميت 12 ملڪن گڏجي قائم ڪيو هو تنهن ڪري برطانيا جي وزير جو اهو موقف درست آهي ته موجوده تڪرار نيٽو جي جنگن نه پر آمريڪا ۽ اسرائيل جي ڪارروائي آهي. هوڏانهن ڊونلڊ ٽرمپ نيٽو کي پڻ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن نيٽو آبنائي هرمز کولڻ ۾ مدد نه ڪئي ته نيٽو جو مستقبل تمام خراب ٿيندو. ٽرمپ اهو به چيو آهي ته آبنائي هر مز جو سامونڊي لنگهه کولرائڻ لاءِ لڳ ڀڳ ستن ملڪن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. هن افسوس جو به اظهار ڪيو ۽ اتحادي ملڪن کي ميار به ڏني آهي ته آمريڪا هميشه اتحادي ملڪن کي ڏکئي وقت ۾ ڪم آئي آهي پر اهي اڄ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ لاءِ اڳتي نٿا اچن.
هوڏانهن ايران به واضح موقف اختيار ڪيو آهي ته هرمز وارو لنگهه دشمنن لاءِ بند رهندو هاڻي مسلمان ملڪ فيصلو ڪن ته اهي ڪهڙي پاسي آهن. ٻئي پاسي ايران ڳالهين کان پوءِ ڀارتي جهازن کي آبنائي هرمز مان گذرڻ جي اجازت ڏني آهي، اهڙي نموني پاڪستان ۽ ترڪي کي به ايران پنهنجا جهاز گذارڻ جي اجازت ڏني آهي.
اسان ان اڳڀرائي کي هڪ سٺو سنوڻ سمجهون ٿا ته اتحادي ملڪن هڪ غلط ۽ غير ضروري جنگ ۾ آمريڪا جو ساٿ نه ڏيڻ جي جرئت جو مظاهرو ڪري نه رڳو آمريڪا کي ايران جنگ ۾ اڪيلو ڪرڻ جي سٺي ڪوشش ڪئي آهي پر آمريڪا جي جنگي جنون کي اخلاقي شڪست به ڏني آهي. اهڙي اميد اصل ۾ گڏيل قومن جي اداري مان هئي پر ان ثابت ڪيو آهي ته اهو آمريڪا جي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف نتو بيهي سگهي پر هاڻي هڪ نيئن اميد اها ضرور پيدا ٿي آهي ته نيٽو جي ملڪن وانگر جيڪڏهن دنيا جا سڀ ملڪ مڙسي ڪن ته اهي پاڻ ۾ هڪ نئون اتحاد يا بلاڪ قائم ڪري سگهن ٿا جنهن جو وڏي ۾ وڏو مقصد جنگيون ختم ڪرائڻ هجي ۽ جنگيون روڪرائڻ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري سگهن. اهڙي قسم جي اتحاد جي اڄ سخت ضرورت آهي. جيڪڏهن اهڙي قسم جو اتحاد نه ٺهيو ته پوءِ دنيا اندر طاقت جو راڄ رهندو جنهن سان دنيا ڪنهن ريت به محفوظ نه رهندي جيئن اڄ جي صورتحال آهي.
هاڻي جڏهن آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي جنگي ٻيڙن جي حفاظت لاءِ اتحادي ملڪن کي مدد نه ڪرڻ تي کين ڌمڪيون ڏنيون آهن ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته ڊونلڊ ٽرمپ ڪنهن ريت به هار مڃڻ لاءِ تيار ناهي، هو هر قيمت تي ايران کي شڪست ڏيندي ڏسڻ چاهي ٿو ۽ اسرائيل کي ”گريٽر اسرائيل“ بڻائڻ تي بضد آهي. ان ضد جا ٻه نتيجا نڪري سگهن ٿا يا ته اهو ضد آمريڪا جي صدر ٽرمپ کي ٻوڙي ڇڏيندو يا سڄي دنيا کي جنگ ۾ رک ڪري ڇڏيندو.
بهرحال اهو سٺو ٿيو آهي ته برطانيا، فرانس، آسٽريليا، جاپان، جرمني، يونان وغيره آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگي جنون کي غلط قرار ڏيندي ان عمل ۾ ساٿ نه ڏيڻ جي جرئت ڪئي آهي. آمريڪا مخالف ان جرئت جي اڄ سخت ضرورت هئي. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته اهي سڀ ملڪ ان نُڪتي تي پاڻ ۾ متحد ٿين ۽ اسلامي ملڪن کي به پاڻ سان گڏ کڻن ته جيئن ڪو ملڪ اڪيلو آمريڪا جي جنگي جنون جو کاڄ نه بڻجي سگهي. ٻيو ته انهن ملڪن کي جنگ روڪرائڻ ۾ ٽياڪڙي جو به ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن ملڪ جي شڪست ۽ فتح نه ٿئي پر جنگ جي شڪست ۽ امن جي سوڀ ٿئي.
في الحال ڊونلڊ ٽرمپ جي اتحادي ملڪن کي ڏنل ڌمڪين سان هيءَ جنگ سڄي دنيا ۾ ڦهلجي چڪي آ. هوڏانهن مسلمان ملڪن لاءِ به امتحان جي صورتحال آهي، بقول ايران جي ته ڏسون ته مسلمان ملڪ ڪنهن سان ٿا بيهن. جيڪي مسلمان ملڪ هن معاملي ۾ سڌي يا اڻ سڌي حمايت ايران جي ڪندا آمريڪا انهن کان به وقت به وقت پلاند وٺي سگهي ٿو. تنهن ڪري پنهنجو خيال آهي ته سڄي عالمي برادري کي آمريڪا مخالف اتحاد ٺاهي هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻو پوندو ٻي صورت ۾ ڪو به اڪيلو ملڪ آمريڪا جي جنگي جنون کان بچي نه سگهندو.