ٽرمپ جون نيٽو کي به ڌمڪيون: ڇتو هاٿي هاڻي ٻڌجڻ گهرجي

تحرير: وشال امير

اسرائيل، آمريڪا پاران ايران سان ڇڙيل جنگ کي ڪي ماڻھو آخري عالمي جنگ جي تناظر طور ڏسي رهيا آهن جيان مان به ان ڳالهه سان متفق آهيان جڏهن به لڳي آخري عالمي جنگ مذهبي بنياد تي ئي لڳندي، يهودي، مسلمانن خلاف هوندا ۽ عيسائين مان هڪڙا مسلمانن سان ته ٻيا  ڪجهه يهودين جا طرفدار هوندا. جڏھن ته موجوده صورتحال ۾ اسان کي مسلم رياستن جا سربراه يهودين جا ساٿاري بڻيل نظرجن ٿا، پوءِ ڪيئن مڃجي ته هيءَ آخري عالمي جنگ آهي ۽ هن بعد دنيا مڪمل تباھ ٿي ويندي؟!

ممڪن آ اڃا هيءَ آخري عالمي جنگ نه هجي،پر هن جنگ جا نقصان خطي ۾ ڏاڍا خراب نڪرندا ۽ دنيا ۾ پڻ معاشي ڀونچال ڪر کڻي سگهي ٿو. آمريڪي سينيٽر ڪرس وين هولن انڪشاف ڪيو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چاليهھ سال ان انتظار ۾ رٿابندي تي لڳائي ڇڏيا آهن ته آمريڪا ۾ ڪو لاپرواھ ۽ بيوقوف صدر ايندو جيڪو اچي سندس همنوا ٿي مسلمان ملڪن خاص طور ايران مٿان جنگ مڙهيندو. نيتن ياهو جي ان ڊرامائي اسڪرپٽ جي سامهون اچڻ بعد اسان سمجهي سگهئون ٿا ته ايران مٿان جنگ مسلط ڪندڙ اسرائيل جي ساٿاري آمريڪا پڻ هن جنگ شروع ڪرڻ کان اڳ يقينن حڪمت عملي تحت خطي ۾ پنهنجا 22 فوجي اڏا قائم ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي، سندس اهي فوجي اڏا گهڻي ڀاڱي مسلم عرب ملڪن ۾ قائم ٿيل ٻڌايا وڃن ٿا. حيرت جي ڳالهه آهي ته دنيا تي قابض ٿيڻ جي رٿابندي ڪندڙ آمريڪا ۽ گريٽر اسرائيل جوڙڻ جون ڪوششون ڪندڙن جي ان سازش کي ڪير به سمجهي ڪونه سگهيو.

خير هاڻي به جڏهن تازي جنگ شروع ٿيڻ بعد ايران طرفان دبئي، ڪويت، قطر سميت  ڪجهه عرب رياستن ۾ قائم 11 آمريڪي فوجي اڏن تي حملا ڪيا ويا آهن ته ان ڳالهه تي  ڪجهه يهودي نواز ڌريون اها پروپيگنڊا ڪرڻ لڳيون آهن ته ايران مسلمان دشمن شيعا ملڪ آهي تڏهن سني مسلمان ملڪن مٿان حملا ڪري رهيو آهي. هتي انهن عقل جي اڪابرن کان هڪ سوال آهي ته انهن مسلمان ملڪن ۾ قائم آمريڪي فوجي اڏن منجهان (جيڪي آمريڪا لاءِ مورچي جو ڪم ڏئي رهيا آهن) هن کان اڳ ايران جي حملن کي ناڪام بڻايو ويندو رهيو آهي ته پوءِ هاڻي هڪ جنگي حڪمت عملي موجب ايران کي پورو حق حاصل هجڻ گهرجي ته پهريون اهو دشمن جا مورچا تباھ ڪري پوءِ اڳتي سندس ملڪ طرف قدم وڌائيندو ۽ کيس تباھ ڪندو رهي.

چيو وڃي ٿو ته جنگ ۾ وڌ ۾ وڌ نقصان ان جو ٿيندو آهي جيڪو جنگ جو ڪنهن به ريت فريق نه هوندو آهي. هتي به ڏسجي ته ائين ئي ٿيندي نظر اچي پيو،خطي ۾ موجود ملڪ خطرناڪ معاشي طوفان کي پاڻ طرف وڌندي ڏسي رهيا آهن.هونئن ته جنگ ۾ ايران طرفان ٿيندڙ حملن ۾ پهتل نقصان کي اسرائيل ۽ آمريڪا طرفان لڪايو پيو وڃي پر تنهن هوندي به جيڪي انگ اکر ظاهر ٿيا آهن تن موجب شروعاتي طور آمريڪا جا 13 فوجي موت جي آغوش ۾ وڃي چڪا آهن ۽  تقريباً 200 کان مٿي زخمي آهن. اسرائيل ۾ 15 کان مٿي ماڻهو فوت ۽  3369 مٿي زخمي هجڻ جا اطلاع آهن۔

 اطلاعن موجب اسرائيلي وزيراعظم ڪيترن ڏينهن کان گم آهي قياس آرا يون ڪيون پيون وڃن ته هُو ايران پاران ڪيل حملي ۾ دوزخ طرف روانو ٿي چڪو آهي. اسرائيلي حڪمران ڌر طرفان سندس تازا وڊيو پيغام جاري ڪرڻ جون ڪوششون به ڪوڙيون ثابت ٿي رهيون آهن ڇو ته اهي آرٽيفيشل انٽيليجنس کي ظاهر ڪن ٿيون. رپورٽن مطابق خطي جي ٻين ملڪن ۾ يعني ڪويت ۾ 6، اومان ۾ 3 ۽ سعودي عرب ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، ايران جنگي حڪمت عملي اختيار ڪندي گهڻن ئي ملڪن جو سامونڊي واپاري رستو بند ڪري دنيا ۾ تيل جي واپار کي ٻنجو ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن سبب ڌرتي جي گولي تي آباد کوڙ سارن ملڪن ۾ بيروزگاري وڌڻ لڳي آهي، رڳو برطانيه اندر هڪ لک ماڻهو بيروزگار ٿيڻ جا انگ اکر سامهون آيا آهن ته ايترا ماڻهو جلد بيروزگار ٿي ويندا. ٻئي طرف ايران عرب ملڪن جي انٽرنيٽ تار پڻ ڪٽڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، جنهن سان پڻ وڏي نقصان جو انديشو آهي. ايران جي ان جنگي حڪمت عملي آمريڪي صدر ٽرمپ کي چريو ڪري ڇڏيو آهي، ٽرمپ برطانيه، جرمني، جپان سميت ڪيترن ملڪن کان مدد جي گهر ڪئي آهي ته ايراني لنگهه وٽان تيل بردار جهازن جي سلامتي سان گزر کي يقيني بڻايو وڃي پر ڪنهن به ملڪ کيس مدد ڏيڻ جي حامي نه ڀري آهي. ٽرمپ هاڻي نيٽو مٿان ڪاوڙيو آهي ۽ نيٽو کي پڻ نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون پيو ڏئي.

هيڏانهن آمريڪي ۽ اسرائيلي  حملن سبب ايران جي مختلف شهرن ۾ 1500 ماڻهو فوت ۽ 18 هزارن کان مٿي زخمي ٿي چڪا آهن. بمباري ۾ 3090 گهر ۽ 3643 عوامي مرڪز توڙي 24 اسپتالون تباھ ٿي چڪيون آهن.ايران جو روحاني پيشوا جام شهادت ماڻي چڪو آهي. آمريڪي صدر موجب هنن ايران کي مڪمل تباھ ڪري ڇڏيو آهي، پر دنيا ڏسي پئي ته ايران اڪيلي سر دنيا لاءِ خطرو بڻجي بيٺل يهودي اتحاد سان ويڙہ ۾ مصروف آهي.

دنيا اهو به ڏسي ۽ سوچي پئي ته هن وقت آمريڪا ۽ اسرائيل رڳو ايران ۾ نه پر فلسطين ۽ لبنان ۾ پڻ بيگناھ ماڻهن مٿان حملي آور ٿي پنهنجي دهشت ڦهلائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. تازو لبنان ۾ 850 شهري مارجي چڪا آهن. پر اقوام متحده سميت دنيا جا سمورا ملڪ خاموش آهن، خاص طور مسلمان ملڪ ٻڙڪ به ٻاهر نٿا ڪڍن ، جڏهن ته خوف سبب الائي جي ٻئي ڪنهن ڪارڻ عيوض آمريڪا جا خاموش سهڪاري ٿي بيٺل آهن. ٿيڻ ته ائين گهرجي هاڻي جڏهن ٽرمپ نيٽو کي به ڌمڪي ڏئي چڪو آهي ته ان ڇتي ٿيل هاٿي کي ٻڌي ڇڏڻ جو ترت فيصلو ڪري عالمي عدالت مان سزا ڏياري وڃي.

دنيا اهو به ڏسي ۽ سوچي پئي ته هن وقت آمريڪا ۽ اسرائيل رڳو ايران ۾ نه پر فلسطين ۽ لبنان ۾ پڻ بيگناھ ماڻهن مٿان حملي آور ٿي پنهنجي دهشت ڦهلائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. تازو لبنان ۾ 850 شهري مارجي چڪا آهن. پر اقوام متحده سميت دنيا جا سمورا ملڪ خاموش آهن، خاص طور مسلمان ملڪ ٻڙڪ به ٻاهر نٿا ڪڍن ، جڏهن ته خوف سبب الائي جي ٻئي ڪنهن ڪارڻ عيوض آمريڪا جا خاموش سهڪاري ٿي بيٺل آهن. ٿيڻ ته ائين گهرجي هاڻي جڏهن ٽرمپ نيٽو کي به ڌمڪي ڏئي چڪو آهي ته ان ڇتي ٿيل هاٿي کي ٻڌي ڇڏڻ جو ترت فيصلو ڪري عالمي عدالت مان سزا ڏياري وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.