حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل) جي نئين فرنچائز حيدرآباد ڪنگزمين آسٽريلوي بيٽر مارنس لبيوشين کي ڪپتان بڻائي ڇڏيو.
پاڪستان سپر ليگ جي يارهين ايڊيشن ۾ شامل ٿيندڙ نئين ٽيم حيدرآباد ڪنگزمين مارنس لبوشين کي قيادت ذميواري سونپي آهي.
حيدرآباد ڪنگزمين ايڪس تي جاري ڪيل هڪ اينيميٽيڊ وڊيو ذريعي لبوشين کي ڪپتان بڻائڻ جو اعلان ڪيو.
ڪرڪيٽ شوقين پرڏيهي ڪپتان بڻائڻ تي حيدرآباد ڪنگز مين فرنچائز انتظاميا جي فيصلي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن.
واضح رهي ته مارنس لبوشين پي ايس ايل 11 ۾ ڪپتان بڻجندڙ ٽيون آسٽريلوي ڪرڪيٽر آهي، ڪراچي ڪنگز جي قيادت ڊيوڊ وارنر ۽ ملتان سلطانز جي قيادت اسٽيو سمٿ ڪندو.
You might also like