جن وٽ واٽس ايپ ناهي هاڻي انهن سان به ڪچهري ٿيندي، ڪيئن؟ طريقو ڄاڻيو

واٽس ايپ ۾ هڪ اهڙو فيچر اچي ويو آهي جيڪو اڃا تائين هن مشهور ايپ جو حصو نه هيو. واٽس ايپ پاران هاڻي انهن سان به واٽس ايپ زريعي ڳالهائي سگهجي ٿو جيڪي واٽس ايپ استعمال ئي نه ڪندا هجن.

خانگي ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب ميٽا هيٺ ڪم ڪندڙ ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ گيسٽ چيٽ نالي هڪ فيچر جو واڌارو ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي رپورٽس موجب  اينڊرائڊ ۽ آءِ او ايس ڊوائسز ۾ ڪجهه بيٽا واهپيدارن لاءِ اهو فيچر آيو آهي. فلحال محدود واهپيدارن لاءِ آهي ۽ ان جي مدد سان واٽس ايپ اندر شيئر ايبل انوائيٽ لنڪ کي تيار ڪيو پيو وڃي.

رپورٽ موجب اهو آپشن انوائيٽ اي فرينڊ سيڪشن يا توهان جي رابطن جي لسٽ هيٺان موجود هوندو ته جيئن گيسٽ چيٽ شروع ٿي سگهي. جڏهن ڪنهن ماڻهو کي گيسٽ چيٽ لنڪ ملندو ته هو ان کي پنهنجي فون يا ڊيسڪ ٽاپ برائوزر تي اوپن ڪري سگهي ٿو ۽ عارضي ڪچهري جو حصو ٿي سگهي ٿو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيٽ ۾ ان ماڻهوءَ جي پروفائل تي گيسٽ ليبل جي شڪل هوندي، ته جيئن واضح ٿي سگهي ته هو رجسٽرڊ ڊوائيس جو واهپيدار ناهي.

واٽس ايپ پاران سمورن چيٽ کي اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن تحفظ فراهم ڪيو ويندو ته ميسيج محفوظ رهندا.

جيتوڻيڪ گيسٽ واهپيدار جو واٽس ايپ اڪائونٽ نه هوندو چيٽ جوائن ڪرڻ تي سندس سڃاڻپ عام واٽس ايپ واهپيدار طور ممڪن نه ٿي سگهندي.

ان جو مطلب اهو ٿيو ته جنهن به فرد کي انوائيٽ لنڪ تائين پهچ هوندي ته هو چيٽ جو حصو بڻجي ويندو، ان لاءِ اهي لنڪ احتياط سان ونڊ ڪرڻ گهرجن.

گيسٽ واهپيدار کي محدود فيچر حاصل ٿيندا مثال هو ڪنهن گروپ جو حصو نٿو بڻجي سگهي، ميڊيا فائلز جيئن فوٽوز، وڊيوز، ڊاڪيومينٽس ۽ اسٽيڪرز شيئر نٿو ڪري سگهي جڏهن ته وائس يا وڊيو ڪال به نٿو ڪري سگهي.

رپورٽ موجب گيسٽ چيٽ جو مقصد عارضي رابطي جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي ۽ 10 ڏينهن تائين چيٽ نه ٿيندي ته لنڪ پاڻمرادو ايڪسپائر ٿي ويندي.

فلحال هي فيچر محدود واهپيدارن وٽ آهي، اهو چوڻ ڏکيو آهي ته سمورن واهپيدارن کي ڪڏهن فراهم ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.