طاقتور سسٽم جي انٽري، ڪراچي وارا برسات لاءِ تيار ٿي وڃن!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ اربع ۽ خميس تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي ڪراچي ۾ موسم جي حوالي سان اهم الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اڄ رات کان هڪ نئون اولهه سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي ايندڙ ٻن ڏينهن دوران ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي، اهو سسٽم وقفي وقفي سان ٻن ڏينهن تائين اثرانداز رهندو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات سان گڏ ڳڙو پوڻ جو به امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.