عيد ويجهو ايندي ئي ڪڪڙ جو گوشت پهچ کان پري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عيد ويجهو ايندي ئي هر شئي مهانگي ٿيندي پئي وڃي ۽ ڪڪڙ جي گوشت جا اگهه به چوٽ چڙهي ويا آهن.
عيدالفطر ۾ ڪجهه ڏينهن وڃي بچيا آهن ۽ جيئن جيئن عيد ويجهو ايندي پئي وڃي روايت موجب عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي رهيا آهن.
ملڪ ۾ ڪڪڙ جي گوشت جي اگهه ۾ وڏي واڌ ٿي آهي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ 450 رپيا ڪلو ملندڙ گوشت هاڻ 700 رپين تائين پهچي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.