لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي ٽي ٽوئنٽي ليگ ”دي هنڊريڊ“ ۾ نيلامي لاءِ شامل ٿيندڙ پاڪستاني رانديگرن وارو معاملو نيلامي جي ڏينهن کان اڳ ئي بحث جو موضوع بڻيل هو، جڏهن ته هاڻي فرنچائز سن رائزرز ليڊز طرفان پاڪستاني اسپنر ابرار احمد کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ بعد هن معاملي ۾ نئون موڙ اچي ويو آهي.
پاڪستاني ڪرڪيٽر ابرار احمد جو دي هنڊريڊ ليگ ۾ ڀارتي ملڪيت واري فرنچائز سن رائزرز ليڊز سان هڪ لک نوي هزار پائونڊز ۾ معاهدو ڀارتي ميڊيا سميت اڳوڻن ڀارتي ڪرڪيٽرن کي به چيڙائي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا جي تنقيد کانپوءِ اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سنيِل گواسڪر به سخت بيان ڏنو آهي.
ڀارتي اخبار لاءِ لکيل ڪالم ۾ هن چيو ته ابرار احمد کي ملندڙ فيس ڀارتين جي قتل ۾ مددگار ٿيندي، ڇاڪاڻ ته هو پاڪستاني حڪومت کي ٽيڪس ڏيندو جنهن سان هٿيار خريد ڪيا ويندا.
برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب،27 ورهين جي پاڪستاني مسٽري اسپنر ابرار احمد جون خدمتون انڊين پريميئر ليگ( آءِ پي ايس ) سان واڳيل سن رائزرز حيدرآباد ٽيم جي مالڪن جي فرنچائز سن رائزرز ليڊز هڪ لک نوي هزار برطانوي پائونڊز ۾ حاصل ڪيون آهن، جيڪا رقم پاڪستاني رپين ۾ اٽڪل ڇهه ڪروڙ 80 لک رپين کان وڌيڪ ٿئي ٿي.
ان فيصلي تي ڪيئي ڀارتي واهپيدار پاڪستان ۽ ڀارت جي ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي ابرار احمد کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ تي فرنچائز تي تنقيد ڪري رهيا آهن.
واضح رهي ته”دي هنڊريڊ“ ۾رانديگرن جي نيلامي دوران انڊين پريميئر ليگ سان لاڳاپيل فرنچائزز پنهنجي ٽيمن ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي شامل نه ڪنديون.
پاڪستاني رانديگرن کي ٽيمن ۾ شامل نه ڪرڻ جون خبرون سامهون اچڻ کانپوءِ انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) ”دي هنڊريڊ“ جي اٺن ئي فرنچائزن کي هڪ خط لکيو هو جنهن ۾ انهن کي امتيازي سلوڪ بابت پنهنجي ذميوارين جي ياد ڏياري وئي هئي.
”دي هنڊريڊ“ ۾ شامل اٺ ٽيمن مان چار، يعني مانچسٽر سپر جائنٽس، اوول انوِنسِبلز، سدرن بريو ۽ سن رائزرز ليڊز جزوي طور انهن ڪمپنين جي ملڪيت آهن جيڪي آءِ پي ايل فرنچائز جو ڪنٽرول پڻ رکن ٿيون.
ياد رهي ته شاهين آفريدي، سلمان آغا، صائم ايوب، عثمان طارق ۽ حارث رئوف سميت پاڪستان سان واسطو رکندڙ ڪيترن ئي رانديگرن ”دي هنڊريڊ“ لاءِ پاڻ کي رجسٽر ڪرايو هو.
شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف گذريل سال به هنڊريڊ ليگ ۾ حصو ورتو هو، پر پوءِ شاهين شاهه آفريدي نيلامي کان هڪ ڏينهن اڳ پاڻ آڪشن تان هٿ کڻي ويو، جنهن بعد دستياب پاڪستاني رانديگرن جو انگ 13 رهجي ويو، جنهن مان ٻه رانديگر ابرار احمد ۽ عثمان طارق فرنچائزز جي ڌيان جو جو مرڪز بڻيا، جڏهن ته حارث رئوف، شاداب خان ۽ صائم ايوب جهڙن رانديگرن ۾ ڪنهن به فرنچائز دلچسپي نه ڏيکاري.
عثمان طارق کي برمنگهم فينڪس هڪ لک 40 هزار پائونڊز عيوض پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪيو. اها فرنچائز ڪنهن به آءِ پي ايل ٽيم سان لاڳاپيل ناهي.
ابرار احمد جي بيس پرائس 75 هزار ڊالر مقرر ڪئي وئي هئي ۽ کيس خريدڻ لاءِ سن رائزرز ۽ ٽرينٽ راڪيٽس وچ ۾ ٻولي لڳي.
سن رائزرز جي هيڊ ڪوچ ڊينيئل ويٽوري پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ابرار احمد هڪ منفرد بالر آهي ۽ ڪيئي مقامي رانديگرن لاءِ کيس کيڏڻ ايترو سولو نه هوندو.
ويٽوري جو چوڻ هو ته هو پاڪستاني رانديگرن بابت جاري افواهن کان آگاهه آهي، پر کيس پاڪستاني رانديگرن تي ٻولي نه لڳائڻ بابت ڪا هدايت نه ملي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته عالمي ٽيمن جا ڪيترائي سٺا اسپنر موجود هئا، پر ”ابرار اسان جي پهرين ترجيح هو.“
سوشل ميڊيا تي هن فيصلي تي ردعمل سامهون آيو آهي، جتي ڪيئي ڀارتي واهپيدار سن رائزرز حيدرآباد جي مالڪه ڪاويا مارن تي تنقيد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پاڪستاني صارف ان فيصلي تي سٺو سنئوڻ قرار ڏئي رهيا آهن.
ڀارتي اسپورٽس صحافي وڪرنت گپتا ايڪس تي لکيو ته ”برمنگهم فينڪس طرفان عثمان طارق کي خريد ڪرڻ کانپوءِ سن رائزرز ليڊز ابرار احمد کي خريد ڪيو آهي، جيڪا ”دي هنڊريڊ“ ليگ ۾ هڪ ڀارتي فرنچائز آهي.“
هڪ ٻئي صارف لکيو ته ” ڀارتي ملڪيت واري فرنچائز پاڪستاني رانديگر ابرار احمد کي سائن ڪيو آهي، جنهن مبينا طور تي کليل نموني ڀارت جو مذاق اڏايو هو.“
ڪمل شرما نالي ڀارتي واهپيدار لکيو ته ”ائين لڳي ٿو ته سن رائزرز حيدرآباد کي ملڪ کان وڌيڪ پئسن ۽ رانديگرن جي ڳڻتي آهي، ڀارتي عوام کي هن فرنچائز جو بائيڪاٽ ڪرڻ کپي.“
وپن تيواري نالي صارف لکيو ته ”ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز کي مستفيض الرحمان کي سائن ڪرڻ تي به سخت تنقيد ٿي هئي، جڏهن ته سن رائزز کي ابرار احمد سان معاهدي ڪرڻ تي وڌيڪ ڪاوڙ نظر اچي رهي آهي.“
ٻئي پاسي ڪجهه واهپيدارن جو چوڻ هو ته هيءَ ڪرڪيٽ جي فتح آهي ۽ بي سي سي آءِ کي ٻين ملڪن جي ليگز ۾ مداخلت نه ڪرڻ کپي.“
شهريار چيما ”لکيو ته ابرار احمد جي چونڊ بهترين آهي ۽ سن رائزرز ليڊز وٽ هاڻي اسڪواڊ ۾ هڪ بهترين مسٽري اسپنر موجود آهي.“
عدنان نالي واهپيدار ” لکيو ته ڳالهه رانديگر جي معيار جي آهي ۽ ابرار احمد ۽ عثمان طارق ٻئي بهترين رانديگر آهن.“
فريد خان لکيو ته ” ڪاويا مارن ڏکڻ ڀارت ۽ چنائي سان واسطو رکي ٿي ۽ ڏکڻ ڀارتي پاڪستانين سان محبت ڪن ٿا.“
ڪاويا مارن ڪير آهي؟
ڪاويا مارن ڀارت جي وڏي ڪاروباري گروپ ”سن گروپ“ جي مالڪ ۽ چيئرمين ڪلانيٿي مارن جي نياڻي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڪاويا مارن 1992ع ۾ چنائي ۾ جنم ورتو.
سن گروپ جي ويب سائيٽ موجب، هي گروپ قدرتي وسيلن، اليڪٽرانڪس، ايسٽ مئنيجمينٽ ۽ گرين انفراسٽرڪچر جهڙن منصوبن تي ڪم ڪري ٿو ۽ ان جا آفيس ڀارت کانسواءِ آفريڪا، وچ اوڀر، جپان ۽ چين ۾ به موجود آهن.
ڪاويا مارن انڊين پريميئر ليگ جي فرنچائز سن رائزرز حيدرآباد جي شريڪ مالڪ ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پڻ آهي ۽ 2018ع کان فرنچائز جا معاملا سنڀالي رهي آهي.
دي هنڊريڊ ليگ
”دي هنڊريڊ“ ڪرڪيٽ جو نئون فارميٽ آهي جيڪو 2021ع ۾ متعارف ڪرايو ويو، هن فارميٽ جو مقصد ڪرڪيٽ کي وڌيڪ دلچسپ ۽ تيز بڻائڻ آهي.
هن ليگ ۾ اٺ ٽيمون شامل آهن ۽ هر اسڪواڊ ۾ 15 رانديگر هوندا آهن، جن مان چار پرڏيهي رانديگر شامل ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي.
هر اننگز 100 بالن تي ٻڌل هوندي آهي جڏهن ته هڪ بالر هڪ ميچ ۾ وڌ ۾ وڌ 20 بالون ڪرائي سگهي ٿو، جڏهن ته هن ۾ 25 بالن جو پاور پلي پڻ شامل هوندو آهي.