سلمان علي آغا جي تڪراري رن آئوٽ ته ڪرڪيٽ قانون ٺاهيندڙ اداري جو بيان به سامهون اچي ويو

لنڊن(ويب ڊيسڪ)شير بنگلا اسٽيڊيم ۾ بنگلا ديش خلاف کيڏيل ٻِي ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان جي آل رائونڊر سلمان علي آغا جي تڪراري رن آئوٽ تي ميريليبون ڪرڪيٽ ڪلب (ايم سي سي) بيان جاري ڪيو آهي.
ايم سي سي موجب، سلمان علي آغا قانونن موجب واضح طور رن آئوٽ هو، ڇاڪاڻ ته هو ڪريز کان ٻاهر هو ۽ ان وقت بال راند ۾ موجود هو.
ايم سي سي چيو ته ڪنهن به بيٽر کي فيلڊنگ سائيڊ جي اجازت کانسواءِ بال کڻڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي.
ايم سي سي وڌيڪ وضاحت ڪئي ته رانديگرن جي وچ ۾ ٽڪر سبب بال پاڻمرادو ڊيڊ نه ٿيندو آهي، تنهنڪري راند جاري سمجهي ويندي آهي.
ايم سي سي اهو به چيو ته اسپرٽ آف ڪرڪيٽ تحت بنگلا ديشي ٽيم اپيل واپس وٺي سگهي پئي، پر قانون موجب آن فيلڊ امپائرن وٽ سلمان آغا کي آئوٽ ڏيڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو موجود نه هو.
ياد رهي ته ڍاڪا ۾ کيڏيل ميچ دوران بنگلا ديش جي ڪپتان مهدي حسن ميراز سلمان علي آغا کي نان اسٽرائيڪر اينڊ تي رن آئوٽ ڪيو هو، جنهن تي پاڪستاني بيٽر ميدان ۾ سخت ردعمل ڏنو هو.
بنگلا ديش خلاف 39 هين اوور ۾ سلمان علي آغا 62 بالن تي 64 رنسن تي نان اسٽرائيڪر اينڊ تي موجود هو، جنهن دوران اسٽرائيڪ تي موجود محمد رضوان بال سڌو بالر ڏانهن کيڏيو، ان دوران آغا ڪريز کان ٻاهر هو ۽ بالر کي بال ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مهدي حسن ترت بال کڻي کيس رن آئوٽ ڪري ڇڏيو.
آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ پويلين ڏانهن واپس ويندي سلمان علي آغا سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته بنگلا ديشي وڪيٽ ڪيپر لٽن داس به ناراض نظر آيو، پر محمد رضوان، امپائر ۽ ساٿي رانديگرن کين سمجهايو.
واضح رهي ته سلمان علي آغا تي جارحاڻي رويي تي آءِ سي سي طرفان هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ ۽ ميچ فيس جو 50 سيڪڙو ڏنڊ هنيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.