تل ايبب/تهران(ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هن ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني ۽ بسيج فورس جي ڪمانڊر غلام رضا سليماني کي نشانو بڻايو آهي.جڏهن ته ايراني اختيارين طرفان اڃا تائين ڪو به باضابطا ردِعمل سامهون ناهي آيو، ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته علي لاريجاني جلد ئي هڪ پيغام جاري ڪندو.
اسان جنگ کٽي چڪا آهيون: اسرائيلي پرڏيهي وزير
اسرائيلي پرڏيهي وزير گيدون سار چيو آهي ته ايراني حڪومت جو تختو رڳو ايراني عوام ذريعي ئي اونڌو ڪري سگهجي ٿو.
هن چيو ته اسان اڳ ئي کٽي چڪا آهيون، ايران ڊرامائي طور هيڻو ٿي چڪو آهي، ايران سان جنگ اسان جو مشن مڪمل ٿيڻ تائين جاري رهندي.
اسرائيلي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته لبناني حڪومت مان اميد آهي ته هو لبنان مان اسرائيل تي ٿيندڙ حملا روڪيندي.
ايران جا اسرائيل تي نوان حملا، سائبر ٽيڪ مرڪزن ۽ هٿيارن جي ڪارخاني کي نشانو بڻايو ويو
ايران طرفان اسرائيل تي نون حملن ۾ سائبر ٽيڪ مرڪزن ۽ پوليس جي هٿيار ٺاهڻ واري ڪارخاني کي نشانو بڻايو ويو آهي.
ايراني فوج موجب، صبح کان جاري ڊرون حملن دوران صهيوني حڪومت جي هٿيار ٺاهڻ واري ڪمپليڪس کي نشانو بڻايو ويو.
ايراني انٽيليجنس وزارت طرفان سوين اسٽار لنڪ ڊوائيسز ضبط ڪرڻ جي دعويٰ
ايران جي انٽيليجنس وزارت طرفان سوين اسٽارلنڪ ڊوائيسز ضبط ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي
ايران جي سرڪاري ميڊيا، موجب انٽيليجنس وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هن ”دشمن جي طرفان موڪليل سوين اسٽارلنڪ ڊوائيسز ضبط ڪيون آهن.“
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪي قانون تحت اسٽارلنڪ ڊوائيسز حاصل ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ ڏوهه آهي ۽ جنگ دوران ائين ڪندڙن کي سڀ کان سخت سزا ڏني ويندي.
ياد رهي ته جنگ جي شروعات سان گڏوگڏ ايران ۾ انٽرنيٽ اٽڪل بليڪ آئوٽ آهي.
انٽرنيٽ بند هئڻ سبب رپورٽنگ لاءِ ايران تائين پهچ مشڪل ٿي وئي آهي، ڪجهه ماڻهو انٽرنيٽ سان جڙڻ لاءِ اسٽارلنڪ جو استعمال ڪن ٿا.
ٻئي پاسي ايران ۾ اسٽارلنڪ استعمال ڪرڻ تي ٻن سالن تائين قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.
ايران علي لاريجاني جو هٿ سان لکيل پيغام جاري ڪري ڇڏيو
اسرائيل طرفان ايراني سڪيورٽي ڪائونسل جي سربراهه اڳواڻ علي لاريجاني جي قتل واري دعويٰ کانپوءِ هاڻي ايراني ميڊيا ۽ علي لاريجاني جي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي هٿ سان لکيل هڪ پيغام گردش ڪري رهيو آهي.
علي لاريجاني جي ٽيليگرام ۽ ايڪس اڪائونٽن تي شايع ٿيل هن تصويري پيغام ۾ وقت ۽ تاريخ لکيل ناهي، جڏهن ته ايران جي سرڪاري ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته هي اڄ جو پيغام آهي.
حملي وقت علي لاريجاني پنهنجي پٽ سان گڏ ڳجهي اپارٽمينٽ ۾ موجود: اسرائيلي ميڊيا
اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪري رهي آهي ته” علي لاريجاني تي حملو ان وقت ڪيو ويو جڏهن هو پنهنجي پٽ سان گڏ هڪ ڳجهي اپارٽمينٽ ۾ موجود هو.“
اسرائيل جو ايراني پاسدارانِ انقلاب جي پيراملٽري فورس بسيج جي ڪمانڊر کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ
اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته پاسدارانِ انقلاب جي پيراملٽري فورس بسيج جي ڪمانڊر غلام رضا سليماني کي هڪ فضائي حملي ۾ مارجي ويو آهي.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اسرائيلي فوج چيو ته ملٽري انٽيليجنس طرفان مليل ڄاڻ جي بنياد تي ايئر فورس گذريل ڏينهن تهران جي مرڪز ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ غلام رضا سليماني کي نشانو بڻايو ويو.
بيان موجب، غلام رضا سليماني گذريل 6 سالن کان بسيج فورس جو ڪمانڊر هو.
ايران طرفان اڃا تائين تائين ان دعويٰ جي تصديق ناهي ڪئي وئي.
اسرائيل طرفان ايراني سيڪيورٽي چيف علي لاريجاني کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ
اسرائيلي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪاٽز دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي حملن ۾ ايران جي سيڪيورٽي چيف علي لاريجاني کي قتل ڪيو ويو آهي.
اسرائيلي بچاءَ واري وزير موجب، علي لاريجاني کي گذريل رات وارن حملن دوران نشانو بڻايو ويو.
ان کان اڳ اسرائيلي ميڊيا به دعويٰ ڪئي هئي ته اسرائيلي فوج علي لاريجاني کي نشانو بڻايو آهي، جڏهن ته فوري طور تي اهو واضح ناهي ته هو مارجي ويو يا زخمي ٿيو.
ٻئي پاسي ايراني ميڊيا اهڙي قسم جون دعوائون رد ڪندي چيو آهي ته جلد علي لاريجاني جو پيغام جاري ڪيو ويندو.
حزب الله تل ابيب ۾ اسرائيلي فوجي اڏي تي حملي جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي
لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله تل ابيب جي ڏاکڻي علائقي ۾ قائم اسرائيلي فوجي اڏي تي ميزائل حملن جي وڊيو جاري ڪئي آهي.
حزب الله موجب، اسرائيل جي پالماخيم ايئربيس تي 3 مارچ تي ڪروز ميزائل سان حملو ڪيو ويو جڏهن ته 15 مارچ تي ساڳئي ايئربيس تي بيلسٽڪ ميزائل سان حملو ڪيو ويو.
خارگ ٻيٽ تي حملو دشمن لاءِ آبناءِ هرمز کان به وڏي خواري جو ڪارڻ بڻبو: ايران
ايراني پارليامينٽ جي توانائي ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته ايران جي تيل جي پيداوار ۽ برآمدات بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري آهي ۽ خارگ ٻيٽ تي روزمره جون سرگرميون معمول موجب جاري آهن.
ترجمان موجب، خارگ ٻيٽ تي ڪو به حملو دشمن لاءِ وڏي شرمساريءَ جو ڪارڻ بڻبو، جيڪا آبناءِ هرمز بابت پيدا ٿيل صورتحال کان به وڌيڪ هوندي.
آبناءِ هرمز کي کليل رکڻ لاءِ فوجي مدد حل ناهي: آءِ ايم او
عالمي بحري اداري انٽرنيشنل ميري ٽائم آرگنائيزيشن(آءِ ايم او) جي سربراهه ارسينيو ڊومينگيز چيو آهي ته آبناءِ هرمز مان گذرندڙ جهازن جي حفاظت کي 100 سيڪڙو يقيني نٿو بڻائي سگهجي.
هن چيو ته جهازن جي نگراني به مڪمل سيڪيورٽي جي ضمانت نه آهي ۽ آبناءِ هرمز کي کليل رکڻ لاءِ فوجي مدد ڪو ڊگهي مدي وارو حل ناهي.
اسرائيلي فوج علي لاريجاني کي نشانو بڻايو آهي: اسرائيلي ميڊيا جي دعويٰ
اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي فوج ايران جي سيڪيورٽي چيف علي لاريجاني کي نشانو بڻايو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، فوري طور واضح ناهي ته علي لاريجاني مارجي ويو يا زخمي ٿيو.
ايراني ميڊيا انهن دعوائن کي رد ڪندي چيو آهي ته جلد علي لاريجاني جو پيغام جاري ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايراني راڄڌاني تهران جي مرڪزي علائقن ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن.
پاڪستاني ٽينڪر سبب آبناءِ هرمز ۾ جهازن جي اچ وڃ لاءِ نئون لنگهه سامهون اچي ويو:عالمي رسالي جي رپورٽ
آمريڪي رسالي بلومبرگ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته آبناءِ هرمز ۾ جهازن جي اچ وڃ لاءِ هڪ نئون حساس رستو سامهون آيو آهي.
رپورٽ موجب، ايراني سامونڊي پٽيءَ ويجهو گذرندڙ هڪ پاڪستاني آئل ٽينڪر ان نئين محفوظ رستي جي علامت بڻجي ويو آهي.
بلومبرگ پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ايران طرفان هڪ غير رسمي ميرين ٽريفڪ ڪنٽرول نظام به قائم ڪيو آهي جنهن تحت جهازن کي محفوظ گذر لاءِ ايراني اختيارين کان سياسي منظوري وٺڻي پوي ٿي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهو رستو لارڪ ٻيٽ ۽ قشم ٻيٽ جي وچ ۾ موجود آهي جيڪو هاڻي هڪ حساس سامونڊي لنگهه بڻجي ويو آهي.
بلومبرگ موج، ڀارت ۽ ترڪي سميت ڪيئي ملڪن ايران کان محفوظ راهداري فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.
ٻئي پاسي انشورنس ڪمپنين ۽ بئنڪن ايراني رستي تي وڌندڙ خطري بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
”خطي جا اسلامي ملڪ گڏجي معاشي ۽ سيڪيورٽي سطح تي نئون نظام قائم ڪندا“
ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته علائقائي سلامتي پائيدار هئڻ گهرجي ۽ ان کي ٻاهران لاڳو نٿو ڪري سگهجي.
هن چيو ته خطي جي ملڪن کي اڳ ئي خبردار ڪيو ويو هو ته علائقي ۾ آمريڪي موجودگي سلامتي جي ضمانت ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسلامي ملڪ گڏجي معاشي ۽ سيڪيورٽي سطح تي نئون علائقائي نظام قائم ڪندا.
هن چيو ته دشمن اسان تي پنهنجو منصوبو مڙهڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، جڏهن ته اسان جيڪو منصوبو ٺاهيو ان تي عمل ڪيو، آمريڪي فوجين کي خطي مان نڪري وڃڻ گهرجي.
گڏيل عرب امارتن ۾ حملن هڪ وڌيڪ پاڪستاني مارجي ويو
گڏيل عرب امارتن ۾ حملن دوران هڪ ٻيو پاڪستاني شهري مارجي ويو آهي.
اماراتي اختيارين موجب، ايئر ڊفينس سسٽم بيلسٽڪ ميزائل کي ناڪام بڻايو، جڏهن ته ابوظهبي جي علائقي بني ياس ۾ ميزائل جا ٽڪرا ڪِرڻ سبب هڪ پاڪستاني شهري حياتي وڃائي ويٺو.
يو اي اي ۾ جاري ڇڪتاڻ دوران هينئر تائين مارجي ويلن جو انگ 7 ٿي ويو آهي، جن ۾ 3 پاڪستاني شهري پڻ شامل آهن.
اماراتي رياست فجيرا جي انڊسٽريل ايريا ۾ ڊرون حملو
اماراتي رياست فجيره جي انڊسٽريل علائقي ۾ ڊرون حملي سبب پيٽروليم ٿاڪن ۾ باهه لڳي وئي.
اماراتي اختيارين موجب، ڊرون حملي ۾ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو ۽ باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪارروائي جاري آهي.
ٻئي پاسي اختيارين شهرين کي محفوظ هنڌن تي رهڻ ۽ حڪومتي هدايتن تي عمل ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي، جڏهن ته دبئي جي ڪيترن علائقن ۾ به الرٽ جاري ڪيا ويا آهن.
جنهن به ملڪ مان خارگ ٻيٽ تي حملو ٿيو ان جي تيل ٿاڪن تي جوابي حملا ڪنداسين: ايران
ايراني فوج جي ترجمان بريگيڊيئر جنرل ابوالفضل شڪارچي چيو آهي ته خارگ ٻيٽ تي ڪنهن به حملي جو جواب لاڳاپيل ملڪ جي تيل ۽ گئس ٿاڪن تي حملو ڪري ڏنو ويندو.
هن چيو ته ايران جڏهن به ڪنهن معاملي تي وارننگ ڏئي ٿو ته ان تي عمل به ڪري ٿو.
هن پاڙيسري ملڪن کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ پنهنجي سرزمين خارگ ٻيٽ تي حملي لاءِ استعمال ٿيڻ ڏني ته ايران جي جواب ۾ ان جا توانائي مرڪز نشانو بڻايا ويندا.