تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي آمريڪا سان ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ ٻن ملڪن جون تجويزون رد ڪري ڇڏيون.
سينيئر ايراني عهديدار موجب سپريم ليڊر اهي تجويزون هڪ پرڏيهي پاليسي اجلاس ۾ رد ڪيون، جيڪي ٻن ٽياڪڙي ملڪن طرفان پيش ڪيون ويون هيون.
ذريعن موجب اجلاس دوران مجتبيٰ خامنه اي چيو ته هي وقت امن جو ناهي، آمريڪا ۽ اسرائيل کي شڪست ڏيڻي پوندي.
ايراني عهديدار موجب مجتبيٰ خامنه اي چيو ته آمريڪا کي ايران کي پهچندڙ نقصان جو ازالو ڪرڻو پوندو.
ايراني سپريم ليڊر ٻن ٽياڪڙ ملڪن طرفان ڇڪتاڻ گهٽائڻ جون تجويزون رد ڪري ڇڏيون
You might also like