ايران خلاف جنگ ۾ ٽرمپ اڪيلو ٿي ويو، اتحادين پاران مدد کان انڪار

تهران/واشنگٽن/لنڊن(م ڊ) ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي جڏهن ته برطانيا، جپان ۽ آسٽريليا سميت آمريڪا جا پراڻا ساٿي آبناءِ هرمز کولرائڻ لاءِ ٽرمپ جي اپيل تي مدد کان انڪار ڪري رهيا آهن. اسرائيلي جهازن ايران جي شهر اصفهان، شيراز تي ميزائلن ۽ بمن سان حملو ڪيو آهي، جنهن نتيجي ۾ شروعاتي اطلاع موجب 15 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن، آبناءِ هرمز جي سيڪيورٽي، علائقائي سفارتڪاري ۽ نون سيڪيورٽي واقعن بابت اهم اڳڀرائيون سامهون اچي رهيون آهن، جتي جپان ۽ آسٽريليا آبناءِ هرمز لاءِ جنگي جهاز موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، اتي آمريڪا چين سميت ڪيترن ئي ملڪن سان سامونڊي لنگهه جي تحفظ بابت رابطا ڪري رهيو آهي. ساڳئي وقت ايران سان ڳالهين کانپوءِ ڀارتي جهازن کي آبناءِ هرمز مان گذرڻ جي اجازت ملي آهي آهي. اسرائيلي فوج اعلان ڪيو آهي ته هن ايران جي شهرن تهران، شيراز ۽ تبريز تي ”وڏي پيماني“ تي حملن جي نئين لهر شروع ڪري ڇڏي آهي ٽيليگرام تي جاري ڪيل بيان ۾ اسرائيلي فوج چيو آهي ته ” آءِ ڊي ايف (اسرائيل ڊيفينس فورسز) ايراني حڪومت جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ لاءِ تهران، شيراز ۽ تبريز ۾ وڏي پيماني تي حملا شروع ڪري ڇڏا آهن.“ آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران تي حملا جاري آهن ۽ رات دير سان تهران ۾ شديد بمباري جون خبرون پڻ سامهون آيون هيون. برطانوي اخبار موجب، برطانيا به آبناءِ هرمز لاءِ بحري جنگي جهاز موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ٽرمپ کي ”نو“ چئي ڇڏيو آهي. اخبار موجب، برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر آبناءِ هرمز کولڻ لاءِ ٽرمپ جي مدد واري اپيل رد ڪندي چيو آهي ته برطانيا ان لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته جيترو جلد جنگ ختم ٿيندي، ايترو آساني ٿيندي. جپان ۽ آسٽريليا آبناءِ هرمز جي سيڪيورٽي لاءِ پنهنجا سامونڊي جنگي جهاز موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي . آسٽريليا جي وزير ٽرانسپورٽ ڪيٿرين ڪنگ چيو آهي ته سندن ملڪ آبناءِ هرمز ۾ جنگي جهاز موڪلڻ جو ارادو نٿو رکي. جپان جي بچاءِ واري وزير شنجيرو ڪوئيزومي پارليامينٽ کي ٻڌايو آهي ته ايران جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي جپان ميري ٽائم سيڪيورٽي آپريشن شروع ڪرڻ جو ڪو ارادو نٿو رکي.واضح رهي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٽو ۽ اتحادي ملڪن کي چيو هو ته هو آبناءِ هرمز جي سڪيورٽي لاءِ پنهنجا سامونڊي جنگي جهاز موڪلين.برطانيا جي ورڪس ۽ پينشن معاملن واري وزير پيٽ مڪ فيڊن چيو آهي ته ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جا حملا نيٽو جي جنگ ناهن. هن چيو ته نيٽو دفاعي اتحاد اهڙي صورتحال کي ذهن ۾ رکي نه ٺاهيو هو جهڙي صورتحال هن وقت وچ اوڀر ۾ نظر اچي پئي .واضح رهي ته نيٽو 1949 ۾ آمريڪا ۽ برطانيا سميت 12 ملڪن گڏجي قائم ڪيو هو ۽ ان جو هڪ اهم اصول آرٽيڪل پنج آهي جنهن موجب هڪ ملڪ تي حملو سمورن ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو آهي. جڏهن مِڪ فيڊن کان پڇيو ويو ته ڇا هو سر نڪ ڪارٽر سان اتفاق ڪري ٿو ؟ جنهن جواب ۾ هن چيو ته ” جنرل ڪارٽر صحيح پيو چئي، هن موجودا تڪرار کي نيٽو جي جنگ نه پر آمريڪي ۽ اسرائيلي ڪارروائي قرار ڏنو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسان ايران سان ڳالهين ڪري رهيا آهيون، پر مون کي نٿو لڳي ته ايران ڳالهين لاءِ تيار آهي. برطانوي اخبار موجب، ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن نيٽو آبناءِ هرمز کولڻ ۾ مدد نه ڪئي ته نيٽو جو مستقبل تمام خراب ٿيندو. صدر ٽرمپ اهو به چيو ته هلندڙ مهيني جي آخر ۾ چيني صدر سان طئي ٿيل ملاقات ملتوي ٿي سگهي ٿي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آبناءِ هرمز جي سيڪيورٽي لاءِ اٽڪل ست ملڪن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته چين سميت ڪيئي ملڪن کان پڇيو ويو آهي ته ڇا هو آبناءِ هرمز کي محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ڪندا.هن چيو ته ڪجهه ملڪن وٽ اهڙا وسيلا آهن جيڪي هن مهم ۾ مددگار ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته چين به هن اهم واپاري لنگهه تي گهڻو ڀاڙي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.