ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بلاول هائوس ۾ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه ۽ پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه مري الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون.شرجيل انعام ميمن ملاقات دوران چيئرمين کي ٽرانسپورٽ کاتي جي ڪارڪردگي بابت آگاهي ڏني. هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ عوام جي سهولت لاءِ بجليءَ سان هلندڙ بسن جو نئون رستو گلشن معمار کان ٽاور تائين شروع ڪيو پيو وڃي. ان کان علاوه پيپلز بس سروس تحت ٽنڊو الهيار کان حيدرآباد، شڪارپور کان سکر ۽ خيرپور کان روهڙي جي وچ ۾ به بسون هلائڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي شرجيل انعام ميمڻ عيد الفطر جي موقعي تي ٽرانسپورٽرن پاران حد کان وڌيڪ ڀاڙن خلاف ڀرپور مهم شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. هن پوليس، سڀني ضلعن جي انتظاميا، اين ايڇ اي، ٽرئفڪ پوليس ۽ ٽرانسپورٽ سميت سڀني لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪندڙن خلاف فوري ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪجهه ٽرانسپورٽرن پاران ڀاڙن ۾ خودبخود واڌ مسافرن تي اضافي مالي بار وجهي ٿي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ ناقابل قبول آهي.