رحيم يار خان ۾ دڪان جي ڇت ڪرڻ سبب 8 عورتون فوت، ڪيتريون ئي زخمي

اوٻاوڙو/ ڏهرڪي (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ/ اجيت ڪمار) اوٻاوڙو لڳ پنجاب جي رحيم يار خان ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم ورهائڻ دوران دڪان جي ڇت ڪري پئي، 8 عورتون فوت ٿي ويون، 30 کان مٿي عورتون زخمي ٿي پيون، فوتين ۾ مائي شهناز، مائي مريم، مائي بختاور، مسمات انور، مائي چرخي، مائي پروين اختر، مائي حليمان ۽ مائي زليخان شامل آهن،  ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته هڪ دڪان جي ڇت ڪرڻ سبب 5 عورتون فوت ٿي ويون جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيو،ريسڪيو1122، ايڌي، پوليس ۽ ٻين امدادي ادارن جون ٽيمون واقعي واري هنڌ تي پهچي ويون ۽ زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، ريسڪيو 1122 موجب واقعو رحيم يار خان جي علائقي چڪ 125 پي ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن ڪيتريون ئي عورتون بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت امدادي رقم حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ريٽيلر دڪان جي ڇت تي موجود هيون، 50 کان مٿي عورتون زخمي آهن، بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط حاصل ڪرڻ لاءِ 200 کان وڌيڪ عورتون ڇت تي گڏ ٿيون هيون، جيڪا ڪمزور هجڻ سبب اوچتو ڪرڻ ڪري پئي، زخمي عورتن کي شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ايمرجنسي به لاڳو ڪئي وئي، ضلعي انتظاميا جي ترجمان موجب زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.