ايران آمريڪا جنگ، پيٽرو ڊالر سسٽم ڪمزور ڪري رهيو آهي

تحرير: عاطف ملاح

 14 مارچ 2026ع تي سي اين اين جي هڪ رپورٽ موجب ايران چيو آهي ته آبنائي هرمز مان ان شرط تي ئي تيل جا جهاز گذرڻ ڏبا جڏهن تيل جي ادائگي ڊالر بدران چيني يوآن يا ڪنھن ٻي ڪرنسي ۾ ڪئي ويندي. مطلب جيڪڏهن ڪو ملڪ آمريڪي ڊالر بدران چيني يوآن يا ٻي متبادل ڪرنسي وسيلي تيل خريد ڪندو ته صرف ان صورت ۾ ئي آبنائي هرمز وٽان تيل جا جھاز ڇڏيا ويندا.  ايران جيڪڏھن اهو شرط رکي ٿو ته پوءِ اهو شرط آمريڪا جي ڪرنگهي جي هڏي ٽوڙڻ برابر هوندو. ڏهاڪن کان جاري اهو پيٽرو ڊالر نظام ئي آهي جنھن وسيلي آمريڪا پاڻ کي عالمي مالياتي نظام جو چڱو مڙس ڪيون ويٺو آهي.

 آمريڪا جي وڏي طاقت ان جي فوجي طاقت به ضرور هوندي پر آمريڪا پنھنجي مالياتي سامراجيت پنھنجي ڊالر جي هڪ هٽي تحت ئي قائم ڪئي آهي. اهو ڊالر ئي آهي جنھن آمريڪي معشيت کي زبردست ٽيڪ ڏئي آمريڪا کي دنيا ۾ خرمستيون ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. جيڪڏهن ايران آمريڪا جي ان ڊالر واري معاشي هٿيار مٿان حملو ڪري ٿو ته آمريڪا سخت خطري هيٺ اچي ويندو. هينئر تائين جي جيڪا ايراني حڪمت عملي جنگ ۾ نظر اچي ٿي اها به اها ئي آهي ته وڌ ۾ وڌ آمريڪا کي معاشي نقصان پهچائجي.

مڊل ايسٽ مانيٽر ۾ شايع ٿيل هڪ رپورٽ موجب هڪڙي اداري سينٽر فار اسٽريٽجڪ اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته ايران خلاف آمريڪي اسرائيل جنگ پهرين 100 ڪلاڪن ۾ آمريڪا جا 3.7 بلين ڊالرز خرچ ٿيا. تقريبن هر ڏينھن آمريڪا جو خرچو ٿيو 891.4 ملين ڊالرز. شروعاتي ڇهن ڏينھن ۾ آمريڪا جا 11.3 بلين ڊالرز خرچ ٿيا. آمريڪا طرفان 168 ٽام هاڪ ميزائيل ڪروز فائر ڪيا ويا آهن. ان جي هر يونٽ جو خرچو آهي 3.6 ملين ڊالرز. قطر ۾ موجود آمريڪي اڏي تي ايراني بيلسٽڪ ميزائيل حملي ۾ اتي موجود آمريڪي فوجي ساز سامان ۽ اتي لڳل آمريڪي ريڊار تي حملي جو نقصان 1.1 بلين ڊالرز جو ٿيو. سعودي عرب ۾ موجود آمريڪي اڏن مٿان حملن جو نقصان به آمريڪا کي ملين ڊالرز جو ٿيو. ايران جا 35 هزار ڊالرز جا ڊرون آمريڪا جو ملين ڊالرز جو نقصان ڪن ٿا. ڪجھ ٻين ذريعن مثال طور هڪ زبردست تجزيي نگار آهي بين نارٽن جيڪو جيو پوليٽيڪل ايڪانامي رپورٽ تي تجزيا ڪندو آهي تنھن ته ٻه ٽي قدم اڳتي وڌي اها ڳالهه ڪئي آهي ته هي جنگ ڪا وچ اوڀر ۾ اسرائيلي پسمنظر يا ٻين معاملن جي ناهي انھن معاملن جو به عمل دخل هوندو پر هي جنگ آمريڪي ڊالر ۽ پيٽرو ڊالر اجاراداري جي خاتمي لاءِ آهي. آمريڪا پنهنجي ڊالر کي مستحڪم رکڻ چاهي ٿو جو ايران چين ۽ روس سان گڏجي برڪس وسيلي ڊالر کي ڪمزور ڪري رهيا آهن، ان ڪري آمريڪا ڊالر جي اجاراداري قائم ڪرڻ لاءِ هي جنگ ڪري رهيو آهي.

 مڊل ايسٽ مانيٽر تي پڻ هڪڙو مضمون ڇپيو آهي جنھن جو عنوان ئي هيو ته ڇا هي ايران آمريڪا جنگ پيٽرو ڊالر نظام کي ڌوڏي ڇڏيندي. ان مضمون ۾ به ليکڪن اهو شڪ ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن معاملو ائين ئي هليو يعني جنگ جنھن انداز ۾ هلي پئي ۽ ايران جي جنگ ۾ جيڪا حڪمت عملي نظر اچي پئي ته آمريڪي مالياتي اجاراداري خطري هيٺ اچي ويندي. ان کانپوءِ آمريڪا هي جيڪو ورلڊ بينڪ ۽ آئي ايم ايف وسيلي پاڪستان جھڙن ٽين دنيا جي ملڪن کي بليڪ ميل ڪري پنهنجي پنجي ۾ ڦاسايون ويٺو آهي ،آمريڪا جي اها طاقت به گهٽجي ويندي. ان ڪري نظر ائين اچي رهيو آهي ته روس ۽ چين وڏي ڄار وسيلي آمريڪا کي ڦاسايو آهي. پر عالمي سياست ۾ معاملا ايڏا سادا ناھن.

 مون ته صرف هي ڪجهه امڪانن جي حوالي سان پنھنجي ڳالهه رکي آهي ممڪن آهي ائين نه به هجي پر ائين به ممڪن آهي ته شيون ان طرف وڃن. بھرحال جيڪو به ٿئي پر جنگ کانپوءِ نه صرف وچ اوڀر پر سموري دنيا گھڻي تبديل ٿيل نظر ايندي. نيون صفبنديون، نوان اتحاد ۽ نوان معاملا سامھون ايندا. ان جنگ سبب خود ايران به پھرين وارو نه رهندو پر تبديل هوندو. هونئن به اهو فطري سائنس جو اصول آهي ته ڪا به شئي ساڳي حالت ۾ ناهي رهندي بلڪه هر لمحي تبديليءَ مان گذري ٿي. بھرحال ڏسجي معاملو  ڪٿي دنگ ڪري ٿو پر آمريڪا ضرور ڪمزور ٿيندو ۽ آمريڪي ڊالر کي به زبردست ڌڪ لڳندو.

 آمريڪا جي وڏي طاقت ان جي فوجي طاقت به ضرور هوندي پر آمريڪا پنھنجي مالياتي سامراجيت پنھنجي ڊالر جي هڪ هٽي تحت ئي قائم ڪئي آهي. اهو ڊالر ئي آهي جنھن آمريڪي معشيت کي زبردست ٽيڪ ڏئي آمريڪا کي دنيا ۾ خرمستيون ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. جيڪڏهن ايران آمريڪا جي ان ڊالر واري معاشي هٿيار مٿان حملو ڪري ٿو ته آمريڪا سخت خطري هيٺ اچي ويندو. هينئر تائين جي جيڪا ايراني حڪمت عملي جنگ ۾ نظر اچي ٿي اها به اها ئي آهي ته وڌ ۾ وڌ آمريڪا کي معاشي نقصان پهچائجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.