پاڪستان کي ايران جي غير مشروط حمايت ڪرڻ گهرجي: وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي صدارت هيٺ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ملڪي ۽ عالمي صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺي چيو ويو ته عالمي سامراج آمريڪا پنهنجي هٺ ڌرمي ذريعي سڄي دنيا جي امن کي سخت خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. آمريڪا ۽ اسرائيل جا مسلسل حملا ۽ سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي، اسڪول جي معصوم ٻارڙين، بيگناهه ماڻهنکي قتل ڪرڻ وارو سلسلو انتهائي شرمناڪ عمل آهي، ايران مٿان آمريڪي حملن تي پاڪستان جو موقف آمريڪي سامراج جي مفادن وٽان آهي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 7 جون تي عوامي تحريڪ جي سربراهه محترم رسول بخش پليجي صاحب جي اٺين ورسي جنگشاهي لڳ ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ ملهائي ويندي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته آمريڪي سامراج معصوم ٻارڙن کي شهيد ڪري ظلم، جبر ۽ بربريت جي انتها ڪئي آهي. گڏيل قومن سميت عالمي برادري کي ايران جو دفاع ۾ جواب کي تسليم ڪرڻ گهرجي، ايران عالمي سامراج خلاف ٽين دنيا جي مظلوم قومن جي جنگ وڙهي رهيو آهي، آمريڪي جارهيت خلاف ايران پنهجي بچاءُ جي جنگ وڙهي رهيو آهي، پاڪستان کي ايران جي غير مشروط حمايت ڪرڻ گهرجي، پاڪستان کي ايران لاءِ دوائون ۽ کاڌ خوراڪ موڪلڻ گهرجي، ايران جي پيٽروليم ذخيرن تي ٿيندڙ حملن سبب ايران سان گڏ پاڪستان ۾ ماحولياتي تباهي اچي رهي آهي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 5 کان 30 سيڪڙو پگهارون گهٽائڻ وارو وزيراعظم جو اعلان عوام دشمن آهي، ملازمن جون 30 سيڪڙو پگهارون گهٽائڻ بدران هڪ 16 گريڊ جي ملازمن جون 30 سيڪڙو پگهارون وڌايون وڃن، مزدورن جي پگھار به وڌائي وڃي، ڀاشا ڊيم سميت سمورن ڊيمن جو ڪم فوري طور روڪي سنڌ کي سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه 1945ع تحت سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.