حيدرآباد ۾ ايڪسائيز پوليس جو وڪيل ڌڻي بخش سولنگي مٿان تشدد

حيدرآباد( رپورٽر)  حيدرآباد ۾ ايڪسائيز پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙن ادارن جي اهلڪارن جي ڪارروائي، وڪيل ڌڻي بخش سولنگي مٿان تشدد، گرفتار، روزي رکڻ وقت قاسم آباد مهراڻ ڪالوني ۾ ايڪسائيز نارڪوٽيڪس پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اھلڪارن علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو، سرچ آپريشن دوران ايڪسائيز پوليس جي  اٽالن  نامياري وڪيل انساني حقن جي اڳواڻ ڌڻي بخش سولنگي جي گھر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته انساني حقن جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ڌڻي بخش سولنگي پوليس کي گھر ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ورتو ۽ پوليس کي گھر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سرچ وارنٽ ڏيکارڻ جو چيو ته ايڪسائيز پوليس آفيسر ۽ ايڪسائيز پوليس جا اٽالامڇرجي پيا جن انساني حقن جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ڌڻي بخش سولنگي کي سخت  تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽کيس گرفتار ڪري ڪجھه ڪلاڪن تائين حراست ۾ رکڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو، ايڪسائيز پوليسجي اھڙي چڙھائي ۽ وڪيل مٿان تشدد ڪرڻ جي انساني حقن جي تنظيمن سميت وڪيلن سياسي سماجي ادبي تنظيمن سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان عمل کي انساني حقن جي لتاڙ قرار ڏيندي ملوث ايڪسائيز پوليس جي آفيسر سميت سمورن اھلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ ۽ واقعي جي جانچ ڪرائڻ جومطالبو ڪيو،  وڪيلن ايڪسائيز پوليس خلاف قاسم آباد ٿاڻي تي  ايڪسائيز  انٽي نارڪوٽيڪس پوليس خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پهتا، ايڪسائيز پوليس تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ وڪيل رات دير تائين ڌرڻو هڻي ويٺل رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.