اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزارت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ايشيائي ترقياتي بينڪ (ADB) کان 500 ملين ڊالر جو نئون قرض وٺندو. ناڻي واري وزارت جي عملدارن موجب، تجويز ڪيل قرض جو بنيادي مقصد سرڪاري پينشن سسٽم ۾ سڌارو آڻڻ آهي. وفاقي حڪومت جو سالياني پينشن بل 1055 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي. نئون قرض سرڪاري پينشن خرچن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ آهي. ناڻي واري وزارت جي عملدارن موجب، منصوبي کي ٽرانسفارمنگ پبلڪ سيڪٽر پينشن پروگرام جو نالو ڏنو ويو آهي، ۽ سرڪاري ادارن لاءِ هڪ تربيت ۽ آگاهي پروگرام شروع ڪيو ويندو. ان کان علاوه، پينشن سسٽم ۾ گورننس ۽ مانيٽرنگ سسٽم کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ تجويز پيش ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت جي عملدارن موجب، نئين سڌارن سان مستقبل جي مالي بار کي گهٽائڻ ۽ پينشن سسٽم کي وڌيڪ مستحڪم ۽ شفاف بڻائڻ جي اميد آهي.