واشنگٽن/تل ابيب (م ڊ) آمريڪي ويب سائيٽ سيميفور هڪ اهم انڪشاف ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته ايران سان جاري ڇڪتاڻ دوران اسرائيل وٽ ميزائل روڪيندڙ انٽرسيپٽرز جي کوٽ ٿي وئي آهي. رپورٽ موجب، اسرائيل آمريڪا کي آگاهه ڪيو آهي ته لڳاتار حملن سبب سندن دفاعي ميزائلن جو ذخيرو ختم ٿيڻ تي آهي. آمريڪي عملدارن موجب، واشنگٽن کي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ان صورتحال جي خبر هئي، پر هنن يقين ڏياريوآهي ته آمريڪي فوج وٽ پنهنجي اڏن ۽ عملي جي تحفظ لاءِ ميزائلن جو ڪافي ذخيرو موجود آهي. ٻئي طرف، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا وٽ هٿيارن جي ڪا به کوٽ ناهي ۽ اها جنگ جيستائين ضرورت پئي تيستائين جاري رهندي. حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته اسرائيل هيءَ جنگ ان وقت شروع ڪئي جڏهن وٽس اڳي ئي ميزائلن جي کوٽ هئي.