مٺي(رپورٽ:غازي بجير) مٺي سول اسپتال جي انتظاميا ۽ عملي جي مبينا ذهني دٻاءُ سبب چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي ڦاهو کائي آپگهات ڪرڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ صحت کاتي سنڌ جي سيڪريٽري پاران ڊي جي هيلٿ وقار ميمڻ جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي،جنهن ۾ ڊپٽي سيڪريٽري صحت زوهيب شيخ ۽ ضلعي انتظاميه جو نمائندو اي سي مٺي عمير اشرف شامل آهن،صحت کاتي جي جوڙيل جاچ ڪميٽي مٺي جي ڊي ايڇ او آفيس پهچي بند ڪمري ۾ ايم ايس مٺي ڊاڪٽر هريش جڳاڻي،ڊاڪٽر عبدالمالڪ نهڙيو،ڊاڪٽر موهن کتري ۽ الزام هيٺ آيل ٻين ملازمن جا بيان قلمبند ڪيا،جڏھن ته جاچ ڪميٽي خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ پاران واقعي کان اڳ موڪليل ٻن صفحن تي مشتمل خط ۽ وائيس ميسجز پاڻ وٽ محفوظ ڪيا،جڏھن ته ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي موت واري واقعي ۾ الزام هيٺ آيل 4 ننڍن ملازم معطل ڪيو ويو آھي ۽ ايم ايس سميت 2 ڊاڪٽر ڪارروائي کان آجا رهيا،ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي مبينا آپگھات واقعي بعد مقامي ايم پي اي سريندر ولاسائي جي درخواست تي سيڪريٽري صحت ڪارروائي ڪندي چئن ننڍن ملازمن مک ڪردار منٺار ڀيل،سردار ڀيل،برڪت هنڱورجو ۽ رجب ڪنڀار کي معطل ڪري ڇڏيو آھي،جڏھن ته الزام هيٺ آيل ايم ايس ڊاڪٽر ھريش جڳاڻي،ڊاڪٽر عبدالمالڪ نھڙي ۽ ڊاڪٽر موھن کتري ڪارروائي کان بچي ويا آهن،واضح رهي ته آپگھات ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ واقعي کان اڳ خط ۽ وائيس ميسيج ۾ پنهنجي موت جو ذميوار ايم ايس ۽ ڊاڪٽرن سميت 7 ڄڻن کي قرار ڏنو هو،صحت کاتو چئن ننڍن ملازمن کي معطل ڪرڻ بعد سول سرجن سميت ٻن ڊاڪٽرن کي بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھي،جن جي خلاف ڪا به ڪاروائي ناھي ڪئي وئي،الزام ھيٺ آيل سول سرجن سميت ٻيا ڊاڪٽر ساڳئي عھدن تي مقرر ھجڻ ڪري جانچ تي اثرانداز ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي،سول سرجن ڪرسي تي موجود ھجڻ ڪري جانچ ۾ انصاف سواليا بڻجي رھيو آھي ۽ ڪيئي خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن،سول سرجن سميت ٻن ڊاڪٽرن کي پھرين ڏينھن جانچ مان آجو قرار ڏيڻ مان صاف ظاهر آهي ته ڪيس پھرين ڏينھن کان ڪمزور ڪيو ويو آهي،
-
واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي:چونڊيل نمائندا
مٺي:ٿرپارڪر ضلع جي چونڊيل نمائندن واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي کاتي کان شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آھي انهي حوالي سان پ پ ايم اين اي ۽ قومي اسيمبلي جي نيشنل هيلٿ سروسز جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي چيو آھي ته واقعو انتهائي افسوسناڪ آھي ملوث سمورن ڪردارن خلاف شفاف جاچ ڪرائي ڪاروائي ڪرائي ويندي. ضلع چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو واقعي جي مذمت ڪندي چيو آھي ته هڪ ذميوار ڊاڪٽر جو اهڙي طرح زندگي وڃائڻ انتهائي تشويش جوڳي ڳالهه آهي،هي واقعو نه صرف صحت کاتي پر سڄي ضلعي ٿرپارڪر لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي،اسان جو واضح موقف آهي ته انصاف ٿيڻ گهرجي ۽ ذميوارن کي قانون مطابق سزا ملڻ گهرجي،اهڙن واقعن کي نظرانداز ڪرڻ سان معاشري ۾ مايوسي ۽ بيچيني پيدا ٿيندي، تنهنڪري ضروري آهي ته حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا فوري قدم کڻي حقيقت عوام آڏو آڻين ،ايم پي اي سريندر ولاسائي پڻ واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته صوبائي وزير صحت واقعي جو نوٽيس ورتو آھي ننڍي ڪيڊر جا ملازم معطل ٿيا آھن باقي خلاف انڪوائري رپورٽ بعد ڪاروائي ٿيندي. ايم پي اي ارباب لطف الله ايم پي اي کٽومل جيوڻ ۽ ٻين پاران واقعي جي مذمت ڪئي وئي آھي،
-
”ڊاڪٽر کي خودڪشي لاءِ مجبور ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪريو“مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ مظاهرا
مٺي:ڊاڪٽر کي خودڪشي تي مجبور ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪريو:مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ مظاھرا،ڌرڻا،تفصيل موجب مٺي سول اسپتال جي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ کي خودڪشي تي مجبور ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ نوجوانن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي،انھي سلسلي ۾ اسلام ڪوٽ پريس ڪلب آڏو سول سوسائيٽي جي نوجوانن اسد آزاد،ڪلديپ پارواڻي،مرتضيٰ راهمون،وِريام لنجو،نندلال ميگهواڙ ،برڪت بجير، وڪرم راٺوڙ، قربان انڙ، ابراهيم بلوچ،ساگر مکي،ڪيول ميگهواڙ ۽ ٻين احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي،مظاهرين چيو ته هو ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ کي ذهني ٽارچر ذريعي خودڪشي تائين پهچائيندڙ ڪردارن کي فوري طور عهدن تان هٽائي واقعي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي، مٺي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ٿرپارڪر جي طرفان سول اسپتال مٺي جي ڊاڪٽر کي خودڪشي تي مجبور ڪندڙن ۾ ملوث ڪردارن جي گرفتاري ايس يو پي ضلعي صدر شاهد رند،پرديپ سنڌي،دولت سکواڻي،ٿر سجاڳ سٿ جي اڳواڻ صابر جوڻيجو،پي ٽي آء اڳواڻ عارف شاھ،جسقم آريسر اڳواڻ راجيش راگهاڻي،قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ وجئي ساگر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري ڪشمير چوڪ تي مظاهرو ڪيو ويو،اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ پندرنهن سالن کان ٿر ۾ ڊيوٽي ڪري رهيو هو جنهن کي ذهني ٽارچر ڏيئي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو .
-
ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ دوائن جي چوري جو معاملو اٿاريو هو:ڀاءُ
مٺي: خودڪشي ڪندڙ سول اسپتال جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جو مڙھ ڪراچي نيو ويو،جنھن جي جنازي نمازگلستان جوھر ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد پھلوان ڳوٺ جي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي،فوتي ڊاڪٽر جي ڀاءُ عزيز الله شيخ چيو آھي ته ڀاءُ آپگھات ناھي ڪيو،ھن کي ھڪ پلاننگ تحت قتل ڪيو ويو آھي،اسان جو ڀاءُ انساني خدمت ڪندڙ ھو،سال اڳ منھنجي ڀاءُ ڪال ڪري ٻڌايو ھو ته منٺار ڀيل ۽ ٻيا مسلسل تنگ ڪري رھيا آھن،اسپتال جو ايم ايس سراسر ڪوڙ ھڻي رھيو آھي،ڀاءُ ڪريم شيخ اسپتال ۾ علاج لاءِ ايندڙ غريب مريضن جي مدد ڪندو ھو ۽ دعوائون علاج صحيح نه ملڻ تي انتظاميا کان پڇاڻو ڪندو ھو،جنھن تي سول سرجن سميت سمورو ٽولو ڪاوڙيل رھندو ھو، ڀاءُ سول سرجن سميت جن به قاتلن جا نالا کنيا آھن انھن تي قتل ڪيس داخل ڪيو وڃي،اسان جي خوف آھي ته مٺي ۾ ڪيس لوڙھيو ويندو اسان جو ڪيس ڪراچي يا لاڙڪاڻي ۾ داخل ڪيو وڃي ھن چيو ته مٺي سول اسپتال ۾ وڏي گينگ آھي جيڪا غريب ملازمن کي برداشت نه ٿي ڪري،انھي ڪري ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو آھي،اسان سان انصاف ڪيو وڃي
-
سول سرجن ۽ ٻن ڊاڪٽرن کي بچائڻ لاءِ ڪيس ڪمزور ڪرڻ جو خدشو
مٺي:سول سرجن ڊاڪٽر ھريش جڳاڻي سميت ٻن ڊاڪٽرن عبدالمالڪ ۽ ڊاڪٽر موھن کتري کي بچائڻ لاءِ صحت کاتو ميدان تي لھي پيو،خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر پنهنجي آنت آڻڻ کان اڳ ۾ جيڪو وائيس ميسيج ڇڏيو انهي ۾ سول سرجن ڊاڪٽر ھريش جڳاڻي،ڊاڪٽر عبدالمالڪ نھڙي،ڊاڪٽر موھن کتري،اسٽاف نرس ميٺارام ڀيل سميت 7 ڄڻن جا نالا ظاھر ڪيا ھئا،وائيس ميسيج ۾ جن به ڊاڪٽرن جا نالا شامل هئا ويندي مٺي سول اسپتال جي ايم ايس تائين انهي مان ڪنهن به ڊاڪٽر يا ايم ايس کي سسپينڊ ناهي ڪيو،جڏهن سسپينڊ ناهي ڪيو ويو ته انهي جو ٻيو مطلب اهو ٿيو ته اهي سڀ ڊاڪٽر انڪوائري کان آجا قرار ڏنا ويا آهن،جيڪڏهن ڊاڪٽر آجا قرار ڏنا ويا ته انهي جي ٻي معنئ ته اهو ڪيس اٿندي ئي پهرئين انڪوائري ۾ ڪمزور ڪيو ويو آهي،هجڻ ته ايئن گهرجي ها ته جن به ذميوارن جا نالا ڊاڪٽر کنيا هئا انهن سڀني کي سسپيڊ ڪري انڪوائري ڪئي وڃي ها پوءِ جيڪو به انڪوائري مان آجو ٿئي ها انهي کي آجو قرار ڏنو وڃي ها،ڇا هاڻي شفاف جانچ ٿي سگهندي اھڙا سوال جنم وٺي رھيا آھن،
-
ثبوت گڏ ڪري رپورٽ ڏينداسين:ڊي جي هيلٿ
مٺي:ڊي جي هيلٿ وقار ميمڻ چيو آهي ته اسان جاچ لاءِ پهتا آھيون ۽ ثبوت گڏ ڪري لاڳاپيل اختيارين کي لکت ۾ رپورٽ ڏينداسين،اسان جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ميڊيا سان آن رڪارڊ نٿا ڳالهائي سگهون ۽ جاچ ھلندڙ آھي،ھن چيو ته اسان رڪارڊي ثبوت ۽ لاڳاپيل ماڻھن جا بيان قلمبند ڪيا آهن،معاملي جي جاچ شفاف ٿيندي،