قيادت ماڻهن وچ ۾ موجود هئڻ سبب ايراني قوم جو جذبو برقرار

اسلام آباد(عاصمه شيرازي)هڪ وڊيو  ۾ ايراني عورت  پنهنجي ٻار کي کڻي روڊن تي بيٺي آهي ۽ وڏي حوصلي سان ڳالهائي رهي آهي۔ هوءَ نعرا هڻي رهي آهي ته اسان مزاحمت ڪنداسين۔ اهو جذبو ايران جي ماڻهن ۾ ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، جيڪو هن جنگ کي ٻين جنگين کان مختلف بڻائي ٿو۔ايران جا ماڻهو هڪ قوم جي صورت ۾ گڏجي بيٺا آهن ۽ وڏي حوصلي سان اڳتي وڌي رهيا آهن۔ انهن جي قيادت به پنهنجن گهرن ۾ لڪي ناهي ويٺي پر ماڻهن جي وچ ۾ موجود آهي۔ مثال طور ايراني صدر مسعود پزشڪيان، عباس عراقچي،علي لاريجاني،محمد باقر  به عوام سان گڏ ميدان ۾ نظر اچي رهيا آهن۔ جڏهن قيادت عوام سان گڏ هجي ته پوءِ عوام به ميدان ۾ نڪري اچي ٿي،ٻئي پاسي  اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي مارجي وڃڻ يا گم ٿيڻ بابت افواهه زور وٺي رهيا آهن۔ اسرائيلي اخبارهارٽيز رپورٽ ڪيو آهي ته ايران سان لاڳاپيل ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن نيتن ياهو زنده آهي ته کيس ڳولي ڪڍي سزا ڏني ويندي۔ اڃا تائين اسرائيلي ميڊيا ان بابت واضح بيان جاري ناهي ڪيو۔ٻئي طرف آمريڪي صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي بيان ڏنو آهي ته ايران ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر اسرائيل جنگ ختم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي۔ايراني چينل موجب، هڪ اهم ملاقات ۾ علي لاريجاني، علي خامنه اي کي ٻڌايو ته دشمن کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهيو آهي ۽ کيس محفوظ هنڌ تي منتقل ٿيڻ گهرجي۔ان تي خامنه اي  ڪجهه دير خاموش رهيو۽ پوءِ چيو ته ”مان پنهنجي سپاهين کي ڪيئن چوان ته هو موت کي منهن ڏين جڏهن سندن ڪمانڊر پاڻ لڪي وڃي؟ مان قوم کي ڪيئن چوان ته ثابت قدم رهو جڏهن سڀ کان پهريون شخص جيڪو خطري مان نڪري وڃي اهو مان پاڻ هجان؟”هن وڌيڪ چيو ته اسان حسين ابن علي  جا وارث آهيون، خامنه اي چيو ته جڏهن ڪو اڳواڻ اڪيلو هجي ته لڪڻ حڪمت ٿي سگهي ٿي، پر جڏهن هڪ پوري قوم سندس پٺيان بيٺي هجي ته پوءِ لڪڻ تاريخ آڏو هڪ وڏو سوال بڻجي وڃي ٿو۔”ان کان پوءِ لاريجاني خاموش ٿي ويو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.