برلن (م ڊ) جرمن چانسلر آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خلاف ايران ۾ جنگ جي معاملي تي ڳالهائيندي چيو آهي ته ٽرمپ وٽ خليج فارس ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ واضح حڪمت عملي موجود ناهي، هن چيو ته ايران جنگ جرمني جي توانائي جي قيمتن تي شديد اثر وجهي رهي آهي، ياد رهي ته گذريل هفتي جرمن چانسلر ۽ آمريڪي صدر ايران جنگ جي مقصدن تي هڪ پيج تي هئا.
آبنائي هرمز جي بندش سبب روسي تيل جي گهرج ۾ واڌ
ماسڪو (م ڊ) آبنائي هرمز جي بندش سبب روسي تيل جي گهرج ۾ واڌ ٿي وئي، رپورٽن موجب آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن سبب پيدا ٿيل جنگي صورتحال ۽ آبنائي هرمز جي بندش ڪري عالمي مارڪيٽ ۾ روسي تيل جي طلب وڌي وئي آهي، جڏهن ته روس دنيا کي روزانو لڳ ڀڳ 15 ڪروڙ ڊالر جو تيل وڪڻي رهيو آهي، آمريڪا جنگي صورتحال ۽ آبنائي هرمز جي بندش سبب تيل جي قيمتن تي پوندڙ دٻاءُ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ روسي تيل جي وڪري تي لڳايل پابندي عارضي طور هٽائي ڇڏي آهي، آمريڪي خابرو اداري فنانشل ٽائمز موجب روس تازو ڏينهن ۾ رڳو چين ۽ ڀارت کي وڪرو ڪيل تيل تي ٽيڪس جي مد ۾ لڳ ڀڳ 2 ارب ڊالر ڪمائي چڪو آهي.
لبنان ۾ اسرائيل جي اسپتال تي بمباري، 12 ڊاڪٽر ۽ نرسون شهيد
لبنان (م ڊ) اسرائيل بنيادي انساني حقن جون ڌڄيون اڏائيندي لبنان ۾ ظلم ۽ بربريت جي نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي، عرب ميڊيا موجب لبنان جي صحت واري وزارت ٻڌايو آهي ته فضائي حملو ڏکڻ جي ڳوٺ برج قلعويه ۾ واقع هڪ ڪلينڪ تي ڪيو ويو، جتي طبي عملو ڊيوٽي تي موجود هو، بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملي ۾ ڪلينڪ مڪمل طور تباهه ٿي وئي، حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 ماڻهو شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جن مان 3 ڄڻن جي حالت نازڪ هجڻ سبب شهيدن ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته شهيد ۽ زخمي ٿيندڙن ۾ ڊاڪٽر، نرسون ۽ ايمبولينس سروس جا اهلڪار شامل آهن، اسرائيلي فضائيه ڏکڻ لبنان جي مختلف علائقن ۾ وڌيڪ حملا به ڪيا، جن ۾ رهائشي عمارتن ۽ شهري تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو، ڪيترن هنڌن تي باهه ڀڙڪي اٿي، رپورٽن موجب اسرائيلي حملن ۾ روڊن، پلن ۽ ٻين شهري انفراسٽرڪچر کي به نقصان پهتو آهي.