اسلام آباد(شهزاد اقبال)پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 25 فيبروري کان 11 مارچ تائين ڳالهيون جار رهيون،جنهن تحت پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر جي قسط ملڻي آهي پر ڳالهين جي ان ڊگهي دور باوجود ڳالهيون ڪنهن نتيجي تي نه پهچي سگهيون،جنهن جو هڪ اهم سبب خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ کي قرار ڏنو پيو وڃي جڏهن ته ٽئين نظرثاني پروگرام تي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو،ٻه ڏينهن اڳ جاري ڪيل پڌرائي ۾ آءِ ايم ايف پاڪستان جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪئي هئي اتي اهو به تسليم ڪيو ويو ته خطي جي ڇڪتاڻ واري صورتحال ملڪ جي معيشت کي به متاثر ڪري سگهي ٿي،پڌرائي ۾ چيو ويو ته پروگرام تي عملدرآمد مجموعي طور تي واعدن مطابق رهيو،پاڪستان جي مالياتي خساري کي گهٽ ڪرڻ ۽ پبلڪ فنانس مضبوط بڻائڻ تي ڳالهيون ٿيون جڏهن ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت مانيٽري پاليسي برقرار رکڻ تي به زور ڀريو ويو جڏهن ته آءِ ايم ايف مشن ۽ پاڪستان وچ ۾ معاهدو نه ٿيڻ جو سبب پاڪستان پاران ڪجهه هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي به قرار ڏنو پيو وڃي جنهن ۾ ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي،ٻاهرين فنانسنگ ۽ نار وارن ملڪن پاران قرضن ۾ رول اوور ڪرڻ ۾ دير جا سبب به شامل آهن،ٽيڪس هدف 14.1 کرب رپين مان گهٽائي 13.5 کرب رپيا رکيو ويو هو پر آءِ ايم ايف کي خدشو آهي ته ايف بي آر اهو هدف حاصل ڪرڻ ۾ به ناڪام ويندي،جڏهن ته ٻاهرين فنانسنگ ۾ مشڪلات سبب پاڪستان ناڻي جا ذخيرا 17.8 ارب ڊالر تائين کڻي وڃڻ جو هدف به حاصل نه ڪري سگهندو معاشي معاملن جي ماهر شهباز راڻا چيو آهي ته ايف بي آر ٽيڪس وصولي جا هدف مسلسل حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي،پيٽروليم ليوي تي حڪومت کي حد کان وڌيڪ اوڳاڙيون مليون آهن،آءِ ايم ايف ايف بي آر جي هدف ۾ 216 ارب رپين جي گهٽتائي ڪئي پر ايف بي آر ان ۾ 430 ارب رپين جو هدف گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو هو،هن چيو ته حڪومت جي ڪجهه خرچن تي آءِ ايم ايف کي خدشا هئا جيڪي عالمي مالياتي اداري موجب حڪومت کي نه ڪرڻ گهرجن ها،ٻئي پاسي ايف بي آر جو رٽيل شعبي کان 316 ارب رپيا گڏ ڪرڻ وارو هدف به حاصل نه ٿي سگهيو هو جڏهن ته خطي جي صورتحال سبب حڪومت جي معاشي پلان تي بي يقيني برقرار آهي،جڏهن ته آءِ ايم ايف پاران 390 ارب رپين جي ڪانٽيجنسي فنڊ بابت به سوال اٿي رهيا آهن ته اهي پئسا ڪيڏانهن ويا؟جڏهن ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪندڙ پاڪستاني ٽيم خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب معيشت تي پوندڙ اثرن بابت آءِ ايم ايف کان رليف نه گهريو رڳو پنهنجي انگن اکرن تي زور ڀريو،عالمي اداري کي ٻڌايو ويو ته اسان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ٻه ارب ڊالر جي قريب رهندو،ٽيم ٻڌايو ته اسان جيڪي تيل اگهه وڌايا آهن انهن جو مهانگائي تي ڪو خاص فرق نه پوندو،اسان مهانگائي 7 سيڪڙو شرح واري هدف جي اندر ئي رهنداسين،پاڪستاني ٽيم جو اهو به موقف آهي ته جنگ جي ڪري جي ڊي پي واڌ جي شرح تي فرق ناهي پيو،اسان جي معاشي اوسر جي شرح 4سيڪڙو رهندي،هن چيو ته جڏهن پاڪستاني ٽيم قرض ڏيندڙ عالمي اداري آڏو اهڙا موقف رکندي ته پوءِ ته اهو ئي چوندو ته ٺيڪ آهي توهان نمبر پورا ڪريو،
آبنائي هرمز جي بندش سان پاڪستان ۾ مهانگائي وڌي ويندي:رپورٽ
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)آبنائي هرمز جي بندش سبب پاڪستان جي معيشت تي وڏا اثر پوڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي۔ صحافي تنويـر ملڪ جي رپورٽ مطابق، آمريڪا،اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار عالمي تيل مارڪيٽ کي غير يقيني صورتحال ۾ وجهي ڇڏيو آهي،پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس جي رپورٽ مطابق دنيا ۾ سمنڊ ذريعي ٿيندڙ تيل جي واپار جو لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو حصو آبنائي هرمز مان گذري ٿو۔ ان ڪري هتي ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ عالمي توانائي مارڪيٽ تي سڌو اثر وجهي ٿي،مارچ 2026 جي شروعات ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو تائين واڌ ڏٺي وئي آهي۔ ماهرن ان کي صرف طلب ۽ رسد نه پر جيوپوليٽيڪل وار پريميم قرار ڏنو آهي، يعني جنگي خطري سبب قيمتون وڌي رهيون آهن۔رپورٽ موجب:پاڪستان جي ڪل درآمدات ۾ پيٽروليم شين جو حصو تقريباً 30 سيڪڙو آهي،عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت ۾ هر 10 ڊالر في بيرل واڌ سان پاڪستان جي سالياني درآمدي بل ۾ 1.8 کان 2 ارب ڊالر اضافو ٿي سگهي ٿو۔تيل مهانگو ٿيڻ سان ملڪ ۾ ٽرانسپورٽ جا خرچ وڌندا خوراڪ جون قيمتون وڌنديون،بجلي ۽ توانائي مهانگي ٿيندي فيبروري 2026 ۾ مهانگائي لڳ ڀڳ 7 سيڪڙو هئي، جيڪا اهڙي صورتحال ۾ وڌي 15 کان 17سيڪڙو پهچي سگهي ٿي،رپورٽ مطابق جيڪڏهن آبنائي هرمز ٽي مهينا بند رهي ته عالمي تيل جي قيمت 120 کان 150 ڊالر في بيرل تائين وڃي سگهي ٿي،پاڪستان جو ماهوار تيل درآمدي خرچ 3.5 کان 4.5 ارب ڊالر تائين پهچي سگهي ٿو ٻئي پاسي سعودي عرب کان ڳاڙهي سمنڊ رستي تيل فراهم ڪرڻ بابت ڳالهيون ٿي رهيون آهن، پر ترسيل گنجائش محدود آهي ٽرانسپورٽ خرچ وڌيڪ آهن،ترسيل ۾ وقت وڌيڪ لڳي ٿوان ڪري اهو صرف عارضي حل ٿي سگهي ٿو۔رپورٽ ۾ حڪومت لاءِ ڪجهه اهم قدم تيل جا اسٽريٽجڪ ذخيرا وڌائڻ،متبادل سپلائي رستا ڳولڻ،قيمتن جي خطري کان بچڻ لاءِ هيجنگ پاليسي مختصر مدي جا مالي قدم تجويز ڪيا ويا آهن