سنڌ حڪومت جي بدانتظامي سبب ڪڻڪ اسڪينڊل وائکو ٿيو:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي ليگل ايڊوائيزر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مھيسر، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي ۽ نور نبي پليجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ڪرپشن ۽  بدانتظامي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، سنڌ جي خوراڪ کاتي اربين رپين جي ڪڻڪ کي خراب ڄاڻائي هڙپ ڪري ڇڏي آهي، 2 ارب 40 ڪروڙ جو ڪڻڪ اسڪينڊل وائکو ٿيڻ پيپلزپارٽي جي بدترين ۽ نااهل حڪومت جي ڪرپشن ۽ انتظامي لاپرواهي کي ظاهر ڪري ٿو، پيپلزپارٽي ڪرپشن وسيلي ادارا کائي لٽي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيا آهن، رپورٽن موجب سنڌ جي خوراڪ کاتي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن سامهون آئي آهي، ان مان صاف ظاهر آهي ته پيپلزپارٽي سنڌي عوام جا وسيلا  لٽڻ ۾ مصروف آهي، پيپلزپارٽي سنڌ ۾  ڪرپشن جو باقاعده منظم سسٽم ٺاهي ڇڏيو آهي، سنڌ جي خوراڪ کاتي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪري سنڌي عوام جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.