متحده عرب امارات کان اسرائيلي شهري مڪمل طور تي واپس

دوحا (م ڊ) متحده عرب امارات کان اسرائيلي شهري مڪمل طور تي واپس موڪليا ويا، امارات کان ٻن فلائٽن ذريعي 600 اسرائيلي تل ابيب پهچي ويا، اسرائيلي  ميڊيا موجب عرب امارات کان تل ابيب لاءِ خاص فلائٽس مڪمل طور تي مفت هلايون ويون ۽ سڀ خرچ اماراتي حڪومت پاران کنيا ويا، اسرائيلي ميڊيا ٻڌايو ته اسرائيلي شهرين جي حفاظت سان واپسي تي اسرائيل عرب امارات جو شڪريو ادا ڪيو، اسرائيلي پرڏيهي وزارت موجب ڏکي وقت ۾ امارات اسرائيل دوستي مضبوط ثابت ٿي.

اتر ڪوريا جو 10 ميزائل فائر ڪري ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا کي جواب

پيانگ يانگ/سئول (م ڊ) اتر ڪوريا هڪ ئي ڏينهن ۾ 10 کان وڌيڪ بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪري خطي ۾ ڇڪتاڻ  وڌائي ڇڏي آهي. ڏکڻ ڪوريا جي فوجي اختيارين موجب اهي ميزائل گاديءَ واري هنڌ پيانگ يانگ ويجهو اوڀر سمنڊ طرف فائر ڪيا ويا. هي تجربا اهڙي وقت ڪيا ويا آهن جڏهن آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا جون فوجون سالياني جنگي مشقن ۾ مصروف آهن. جيتوڻيڪ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪم جونگ ان سان ٻيهر ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي هئي، پر اتر ڪوريا ان جو جواب ميزائلن جي صورت ۾ ڏنو آهي. جاپاني حڪومت پڻ تصديق ڪئي آهي ته ميزائل سندن اقتصادي حدن کان ٻاهر ڪريا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.