پاڪستان،روس ۽ نار وارا ملڪ گڏجي ايشيائي سيڪيورٽي بلاڪ ٺاهڻ وارا؟

اسلام آباد(عاصمه شيرازي) هن جنگ ۾ هاڻي سڌي طرح آمريڪا ۽ ايران آمهون سامهون نظر اچي رهيا آهن، جڏهن ته اسرائيل جو گهڻو ڌيان هن وقت لبنان ڏانهن آهي ۽ اهو اتي اثر وڌائڻ يا قبضي جا خواب ڏسي رهيو آهي۔هن وقت ايران ۽ حزب الله اسرائيل تي حملا به ڪري رهيا آهن، ميڊيا ذريعن موجب اسرائيل لبنان ۾ مداخلت يا حملن بابت سوچي رهيو آهي۔خبرن موجب سعودي عرب ۾ پرنس سلطان ايئربيس  تي ايران جي ميزائل حملن ۾ آمريڪا جا پنج ريفيولنگ جهاز تباهه ڪيا ويا آهن۔ ايران جو چوڻ آهي ته هينئر تائين آمريڪا جا ست اهڙا جهاز تباهه ڪيا ويا آهن،بغداد ۾ موجود آمريڪي سفارتخاني جي هيلي پيڊ ۽ دفاعي نظام تي به حملي جي خبر ڏني وئي آهي۔ساڳي وقت بحرين  ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن کي به نشانو بڻايو ويو ۽ اتي ان ايران تي جوابي ميزائل به فائر ڪيا ويا۔ايراني پاسداران انقلاب چيو آهي ته علائقي ۾ آمريڪا جا ٽي فوجي اڏا نشانو بڻايا ويا آهن۔ ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ان جي تيل جي ذخيري تي حملو ٿيو ته آمريڪا جي اتحادي ملڪن جا تيل جا ذخيرا به محفوظ نه رهندا،آبناءِ هرمز مان ڪجهه آئل ٽينڪرن کي محدود اجازت ڏيڻ جو به چيو ويو آهي۔ ايران اهو به اشارو ڏنو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي واپار کي آمريڪي ڊالر بدران چيني ڪرنسي يوان ۾ ڪرڻ جي سهولت ڏئي سگهي ٿو۔جيڪڏهن تيل جي واپار يوان ۾ ٿيڻ شروع ٿي وڃي ته آمريڪي ڊالر تي عالمي دٻاءُ وڌي سگهي ٿو،ٽرمپ دعويٰٰ ڪئي ته آمريڪا ايران کي شڪست ڏئي سگهي ٿو ۽ ايران معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته هن آمريڪي ميڊيا کي “فيڪ ميڊيا” قرار ڏنو۔ٻئي طرف ايران ميزائل ۽ ڊرون حملن  جون وڊيوز جاري ڪيون آهن ۽ چيو آهي ته حملا ڪيترين مرحلن ۾ جاري آهن ٻئي پاسي ايران ۾ خارگ ٻيٽ تي آمريڪي فضائي حملي جون خبرون به سامهون آيون۔ ايران جي خبر ايجنسي موجب ٻيٽ تي ڪيترائي ڌماڪا ٻڌا ويا، پر بنيادي تيل تنصيبات کي نقصان نه پهتو۔ايران اڳ ۾ خبردار ڪري چڪو هو ته جيڪڏهن ان جي تيل جي تنصيبات کي نقصان پهتو ته خطي ۾ موجود تيل ۽ گيس جون سڀ سهولتون خطري ۾ پئجي سگهن ٿيون۔ٻئي پاسي قطر جي  حماد الثاني چيو آهي ته خليجي ملڪن کي پنهنجو گڏيل دفاعي اتحاد ٺاهڻ گهرجي جيئن نيٽو آهي۔هن تجويز ڏني ته سعودي عرب هن اتحاد ۾ اهم قيادت جو ڪردار ادا ڪري ۽ خليجي ملڪن کي پنهنجا اختلاف ختم ڪري گڏيل فوجي ۽ سيڪيورٽي نظام ٺاهڻ گهرجي۔ تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته مستقبل ۾ علائقي جي سيڪيورٽي نظام ۾پاڪستان  ۽ ترڪي اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا۔ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته مستقبل ۾ روس،پاڪستان ۽ نار وارا ملڪ گڏجي هڪ نئون ايشيائي سيڪيورٽي بلاڪ ٺاهي سگهن ٿا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.