ايران جي خلاف جارحيت بين القوامي قانون جي ڀڃڪڙي سمجھي ويندڙ سڀ کان وڏي زيادتي ۽ جبر آھي عالمي ميڊيا مطابق آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران ۾ ڪنھن حد تائين ڳالھيون ھلندڙ ھيون تنھن باوجود آمريڪا، اسرائيل نامناسب طريقي سان اڻ اعلانيل حملا ڪري ايران جي مٿان ڏاڍ ۽ جبر جي زور تي جنگي جنون پيدا ڪري خطي ۾ امن کي تباھھ ڪري وڌو آھي، ايراني قيادت ڪو بھ جنگي تضادي بيان ڪو نھ ڏنو ھو جنھن سبب ڪافي حد تائين ڳالھيون ڪامياب ٿيڻ واريون ھيون
دنيا جي ليڊرن ان جنگ کي روڪرائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آھن ۽ انھن کي اھڙو ڪردار ادا ڪرڻ بھ گھرجي تھ جيئن انساني جانين جي بچائي سگھجي. دنيا جو منفرد ادارو اقوام متحدھ پنھنجي اصل بين الاقوامي قانون جي مطابق رويا ظاھر ڪري تھ اھڙا دنيا ۾ افسوسناڪ علميھ نھ ٿين ۽ دنيا ۾ اھڙيون سنگين حالتون پيدا نھ ٿين ھا .
ذوالفقار علي ڀٽي صاحب پنھنجي دور حڪومت ۾ چيو ھيو تھ جنرل ايوب ۽ ضياءِ الحق ڳالھيون مڃن ھا تھ اڄ اھڙيون اسلامي دنيا ۾ سنگين حالتون پيدا نھ ٿين ھا. ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ او، آئي سي يعني اسلامي سربراھي ڪائونسل مضبوط جيڪڏھن ڀٽو اڄ موجود ھجي ھا تھ ڪنھن حد تائين اسلامي دنيا ۾ غيرقانوني جنگيون مسلط نھ ٿين ھا. آمريڪا اسرائيل جو چوڻ آھي تھ اسان ايران کان ڊنل ۽ ڇرڪيل آھيون تھ اسان جي مٿان حملا ڪري ھا ان بيان جي جواب ۾ ايران چيو تھ پاڻ کي طاقتور سمجھڻ وارا ملڪ ٻين کي ٿا ڊيڄارين ۽ پاڻ ڪيئن ٿا ٻين ملڪن کان ڊڄن. 28 فيبروري تي آمريڪا، اسرائيل حملا ڪري ايران جي سپريم ليڊر ۽ معصوم ٻارن جي قتل ۾ سنئون سڌو ملوث آھي جنھن کي عالمي تجزيھ نگارن بھ مڃيو آھي ۽ ايران جي حڪمرانن بھ چيو آھي تھ آمريڪا ۽ اسرائيل بزدلاڻا حملا ڪري رھيا آھن، اسان پاڙيسيري ملڪن کي نشانو نھ ٿا بڻايون پر انھن ملڪن ۾ موجود آمريڪي اسرائيلي اڏن کي نشانو بڻائي رھيا آھيون جيڪو اسان جو دفاعي حق آھي
اسلامي دنيا کي ھاڻي اکيون کولڻ کپن ڇاڪاڻ تھ حالتون ھاڻي اڳ کان گھڻيون تباھ ڪن آھن خاص ڪري مسلمان ملڪن لاءِ آمريڪا آھستي آھستي پنھنجي مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مسلم ملڪن تي حملا ڪري اتي رجيم چينج ذريعي پنھنجي مفادن جي حڪومت آڻي رھيو آھي، ايران جيڪڏهن مضبوطي سان دشمن اڳيان ڄمي نھ بيھي ھا تھ شايد ان تباھي جا اثر پاڪستان ۾ ڏسجن ھا پر نھ صرف ايراني حڪومت بلڪھ ايراني عوام پنھنجي قيادت ۽ ملڪي سالميت لاءِ روڊن تي نڪري دشمنن کي اھو واضح پيغام ڏنو تھ ھو جھڪڻ وارا ناھن، ايراني قوم شھادتن لاءِ تيار آھي، اھڙي جذبي اڳيان دشمنن جا ھٿيار بي اثر ٿي پيا آھن، ھي وقت آھي تھ سمورا اسلامي ملڪ ايران جي پاسي بيھي دشمن کي ڀرپور جواب ڏين تھ جيئن فلسطيني عوام جي قتل عام ۽ ايران جي ليڊرشپ ۽ معصوم ٻارن جي شھادتن جو حساب وٺي سگھجي.