ن ليگ اڳواڻ نهال هاشمي سنڌ جي گورنر طور حلف کڻي ورتو

ڪراچي (رپورٽر ) مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ نهال هاشمي سنڌ جي گورنر جي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت نهال هاشمي کان ان جي عهدي جو حلف  ورتو. وزير اعلي اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ, سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، صوبائي وزير سعيد غني، سينيٽر وقار مهدي, ميئر ڪراچي بريسٽر مرتضي وھاب,  مسلم ليگ (ن)  سنڌ جو صدر بشير احمد ميمڻ حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪئي.ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان، فيڊريشن جي ترجمان راجا انصاري، علي اڪبر گجر، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن ۽ سياسي ۽ سماجي شخصيتن پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه نهال هاشمي کي سنڌ جو گورنر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. واضع رھي ته گذريل ڏينهن نھال ھاشمي کي گورنر سنڌ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ھو. صدر مملڪت آصف علي زرداري ان جي مقرري جي منظوري ڏني ھئي. ٻئي پاسي ڪراچي سان تعلق رکندڙ نهال هاشمي گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مسلم ليگ (ن) سان لاڳاپيل رهيو آهي. هو 1997 کان 1999 تائين وزيراعظم نواز شريف جو قانون ۽ انصاف جو صلاحڪار هو. 2012 ۾ هن ڪراچي ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر طور خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ پوءِ آگسٽ 2014 ۾ هن کي سنڌ ۾ مسلم ليگ (ن) چيپٽر جو جنرل سيڪريٽري بڻايو ويو. 2015 ۾ نهال هاشمي کي مسلم ليگ (ن) جي پنجاب سيٽ تان سينيٽ اميدوار طور چونڊيو ويو ۽ هاڻي کيس سنڌ جو گورنر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. 2017 ۾ نهال هاشمي کي پاناما ڪيس بابت سندس تڪراري بيان جي ڪري مسلم ليگ (ن) مان ڪڍيو ويو، پر 2021 ۾ سندس ميمبرشپ بحال ڪئي وئي

وڏي وزير مراد علي شاهه جي گورنر سنڌ نهال هاشمي سان ملاقات

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه نهال هاشمي جي گورنر هائوس ۾ حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪئي،سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گورنر نهال هاشمي سان ملاقات ڪئي ۽ گورنر جو  عهدو سنڀالڻ تي کيس مبارڪباد پيش ڪئي.

ڪامران ٽيسوري طرفان مقرر ڪيل اڌ درجن کان مٿي صلاحڪار فارغ

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڪامران ٽيسوري طرفان مقرر ڪيل اڌ درجن کان وڌيڪ مشير پنهنجي عهدن تان فارغ ٿي ويا آهن، ذريعن موجب ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري سميع صديقي کي رٽائرمينٽ کان پوءِ قانون جي ابتڙ پرنسپل ايڊوائزر مقرر ڪيو ويو هو، ذريعن موجب  قانون تحت گورنر کي  صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو اختيار حاصل ناهي، ذريعن موجب اڳوڻي گورنر طرفان طارق مصطفیٰ کي پڻ پنهنجو مشير مقرر ڪيو ويو هو. ان کان علاوه اڳوڻي گورنر جا مقرر ڪيل مشير ريحان چاؤله پڻ پنهنجي عهدي تان فارغ ٿي ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته مصطفیٰ مهيصر، قيصر نظاماڻي، رضا علي، مزمل اطهر ۽ خضر تهيميل کي به اڳوڻي گورنر طرفان مشير مقرر ڪيو ويو هو، جيڪي هاڻي عهدن تي برقرار نه رهيا آهن.

ايم ڪيو ايم کي سندس گورنر رهڻ جو واعدو نه ڪيو هو: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ايم ڪيو ايم کي سندس گورنر رهڻ  جو واعدو نه ڪيو هو. ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ٺاهه تحت پنجاب ۽ ڪي پي ۾ پ پ ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ن ليگ جا گورنر رکڻا هئا. راڻا ثناءُ الله چيو ته ڪامران ٽيسوري سٺو ڪم ڪري رهيو هو ان ڪري کيس هٽائڻ لاءِ نه سوچيوپر ڪجهه ڏينهن کان ڪي اهڙا ڪم ٿيا جنهن سبب اسان کي پنهنجو گورنر آڻڻو پيو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو مطالبو ڪراچي جي ڪمن بابت هو، ڪجهه مطالبا پورا ڪيا آهن ڪجهه تي ڪم ٿيندو.

ايم ڪيو ايم گورنر معاملي تي سخت ردعمل جي پوزيشن ۾ ناهي: تجزئي نگار

ڪراچي(ع آ نيوز) سنڌ جي سياست تي ويجهي نظر رکندڙ تجزيه نگارن جو خيال آهي ته انهن کي اهو نه ٿو لڳي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان حڪومت کان الڳ ٿيڻ جي پنهنجي ڌمڪي تي عمل ڪندي. سهيل رب  خان جو چوڻ آهي ته ‘ايم ڪيو ايم پاڪستان هاڻي ايتري طاقتور ناهي جيتري اڳ هئي. اهي ماضي ۾ اهڙا بيان ڏيندا رهيا آهن پر ڪڏهن به انهن تي عمل نه ڪيو آهي.’ ‘اڄ جو مثال وٺو، گورنر جي تبديلي کان پوءِ، نه ته ڪا وڏي پريس ڪانفرنس ٿي ۽ نه ئي ڪا هنگامي ملاقات، صرف ڊاڪٽر فاروق ستار جو هڪ بيان آيو، جيڪو ڪامران ٽيسوري جو ذاتي دوست پڻ آهي. تجزيه نگار مظهر عباس جو به ساڳيو رايو آهي. هو چوي ٿو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان هن وقت ڪو به سخت فيصلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. سندس مطابق، هن وقت ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ ٻه رايا آهن، هڪ گورنر کي هٽائڻ جي فيصلي خلاف حڪومت کان الڳ ٿيڻ، ٻيو رايو اهو آهي ته ايم ڪيو ايم جي وزيرن کي پنهنجن عهدن تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ‘ايم ڪيو ايم پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي پر حڪومت جي مخالفت نه ڪندي.

گورنر جي تبديلي تي ايم ڪيو ايم کي وزارتون ڇڏڻ گهرجن:وسيم اختر

ڪراچي (ع آ نيوز) ڪراچي جي اڳوڻي ميئر وسيم اختر جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم کي گهٽ ۾ گهٽ وزارتن تان استعيفائون ڏيڻ گهرجن. هڪ بيان وسيم اختر چيو ته جيڪڏهن ڪامران ٽيسوري تي ڪو اعتراض هو ته قيادت کي آگاهه ڪرڻ گهرجي ها، 26هين ۽ 27هين ترميم ۾ ن  ليگ جي چوڻ تي ووٽ ڏنا ۽ هر سٺي ۽ خراب وقت ۾ سندن ساٿ ڏنو. هن چيو ته پ پ جي چوڻ تي 26هين ۽ 27هين ترميم ۾ اسان جو بل نه آيو، پارٽي قيادت وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات بعد فيصلو ڪندي.

گورنر سنڌ جي حلف برادري تقريب کان پوءِ بدنظمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ گورنر سنڌ سيد نھال ھاشمي جي حلف برداري کان پوءِ کين مبارڪباد ڏيڻ لاءِ مسلم ليگ نواز جا ڪارڪن گڏ ٿيا، جڏهن ڪارڪن گورنر سان ملاقات لاءِ قطار ۾ بيٺا ته هجوم  جي شدت سبب ڪيترائي ڪارڪن هڪٻئي تي ڪرڻ لڳا، اهڙي صورتحال ۾ انتظاميه کي صورتحال سنڀالڻ ۾ مشڪل پيش آئي. هڪ رپورٽ موجب ملازم ۽ سيڪيورٽي اهلڪار جلدي صورتحال کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪارڪنن جي تعداد ۽ جوش سبب ڪجهه منٽن لاءِ هجوم تي ڪنٽرول رکڻ مشڪل ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.