ايران جا اسرائيل ۽ آمريڪي اڏن تي وڏا حملا، آمريڪي بحري ٻيڙو هدف، اسرائيل ۾ تباهي

تهران/تل اببيب/واشنگٽن (م ڊ) ايران چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل کي اهڙو سبق سيکارينداسين جو سدائين ياد رکندو. ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي موجب، ايران کي اها ڳالهه قبول ناهي ته هڪ پاسي ڳالهيون ۽ ٻئي پاسي وري جنگي ڪارروايون جاري رکيون وڃن. ايران جي نئين سپريم ليڊر جي اعلان بعد ايراني فورسز اسرائيل ۽ آمريڪي فوجي اڏن تي ميزائلن ۽ ڊرونز جي برسات ڪري ڏني آهي. تل اببيب جي مرڪز، بحرين ۾ آمريڪي بحري اڏي ۽ عراقي مزاحمتي فورسز پاران آمريڪي ريفيولنگ جهاز کي ڪيرائڻ سان صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي. تل اببيب تي تازن حملن ۾ 30 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. بن گورين ايئرپورٽ تي  سخت افراتفري مچي وئي، جتي مسافرن ۽ عملي وچ ۾ جهڙپون ٿيون. ايران دعويٰ ڪئي آهي ته عراق ۾ آمريڪي ريفيولنگ جهاز ڪيرايو ويو آهي، جنهن ۾ سوار تمام اهلڪار مارجي ويا آهن. بحرين ۾ ”مينا سلمان“ اڏي تي به آمريڪي تنصيبات کي وڏو نقصان پهتو آهي. عراق ۾ فرانسيسي اڏي تي حملي ۾ هڪ فرانسيسي فوجي مارجي ويو ۽ 6 زخمي ٿي پيا آهن.پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي ايئرڪرافٽ ڪيريئر ”يو ايس ايس ابراهام لنڪن“ کي ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو آهي، جنهن کي سخت نقصان پهتو آهي. تهران ۾ يوم القدس جي ريلي دوران ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ صدر مسعود پزشڪيان ۽ علي لاريجاني به شريڪ هئا. علي لاريجاني ان حملي کي اسرائيل جي ڪمزوري قرار ڏنو آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي وڌيڪ سخت حملن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ضرورت پوڻ تي آبنائي هرمز ۾ جهازن کي تحفظ ڏنو ويندو. اسرائيلي وزيراعظم نتن ياهو ايران جي نئين قيادت کي ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي ۽ ناڪامين جو اعتراف به ڪيو آهي. عمان ۾ ڊرون ڪرڻ سبب 2 پرڏيهي مارجي ويا، جڏهن ته سعودي عرب رياض جي سفارتي علائقي ڏانهن ويندڙ ڊرون کي ڪيرائي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.