ڪراچي (رپورٽر) سال جي شروعاتي مهينن دوران ڪراچي ۾ گاڏين، موٽر سائيڪلن ۽ موبائيل فونون ڦر جون وارداتون جاري رهيون، گذريل مهيني (فيبروري) هٿياربندن شهرين کي ڪروڙن روپين ماليت جون 3 هزار 343 گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون کان محروم ڪري ڇڏيون، ساڳئي مهيني دوران 1237 موبائيل فون به کسيا ويا، سي پي ايل سي جي ڏوهن بابت انگن اکرن موجب جنوري ۽ فيبروري ۾ شهري مجموعي طور 7 هزار کان وڌيڪ گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلن کان محروم ٿيا، جڏهن ته ڏوهارين شهرين کان 2 هزار 677 موبائيل فون به کسيسا، رپورٽ موجب گذريل ٻن مهينن دوران شهر ۾ قتل ۽ ٻين مختلف جي واقعن ۾ 90 ماڻهو قتل ٿيا ۽ شهر ۾ڀتا خوري جا 56 واقعا پيش آيا، جن مان 27 واقعا فيبروري ۾ ٿيا، سي پي ايل سي موجب شهر جي مختلف علائقن مان ڪار ۽ موٽر سائيڪل لفٽرز 22 گاڏيون ۽ 452 موٽر سائيڪلون ڦر ڪيون، جڏهن ته 143 گاڏيون ۽ 2 هزار 726 موٽر سائيڪلون چوري ٿيون، فيبروري ۾ شهرين کي 1237 موبائيل فونن کان محروم ڪيو ويو، شهر ۾ مختلف واقعن ۾ 28 ڏينهن ۾ 40 ماڻهو قتل ٿيا، ڀتا خوري جا 27 واقعا پيش آيا، ۽ هڪ واقعو ڀنگ لاءِ اغوا جو به ٿيو.