حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ تيز رفتار موٽرسائيڪل فُٽ پاٿ سان ٽڪرائجڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته گاڏي کاتي جي قاضي قيوم روڊ تي تيز رفتار موٽرسائيڪل سلپ ٿي پئي، موٽرسائيڪل تي سوار نوجوان ڪري فُٽ پاٿ سان ٽڪرائجي ويو جنھن سبب ھو سخت زخمي ٿي پيو، حادثي بعد علائقي واسين کڻي ھن کي سول اسپتال پھچايو جتي ھو زخمن جا سور نه سھي فوت ٿي ويو، اسپتال ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان پوءِ فوتي نوجوان جي سڃاڻپ گڊس ناڪو ڦليلي جي رھواسي علي حسن پٽ محمد سليم جي نالي سان ٿي جنھن بعد فورٽ پوليس قانوني ڪارروائي ڪري لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.