اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي جو رجحان برقرار، 555 پوائنٽون لاٿ

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمعي جو ڏينهن لاهي چاڙهي وارو رهيو، جتي ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 555 پوائنٽس جي لاٿ سان بند ٿيو. مارڪيٽ جي شروعات هاڪاري ٿي ۽ انڊيڪس 155,002 جي بلند ترين سطح تي پهتو، پر  عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ سبب سيڙپڪارن ۾ بي چيني پيدا ٿي، جنهن ڪري وڪري جو دٻاءُ وڌي ويو. ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڪي ايس اي-100 انڊيڪس 153,866 پوائنٽس تي بند ٿيو. ماهرن موجب، حبڪو، لڪي، فوجي فرٽيلائيزر ۽ ميزان بئنڪ جهڙن وڏن ادارن جي شيئرز ۾ ٻاڙائي انڊيڪس کي هيٺ ڌڪي ڇڏيو. ٻئي طرف، انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ روپيو ڊالر جي مقابلي ۾ معمولي مستحڪم رهيو ۽ ڊالر هڪ پئسي جي لاٿ سان 279.31 روپين تي بند ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.