تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي راڄڌاني تهران سميت سڄي سڄي ملڪ ۾ يومِ القدس جي موقعي تي ريليون ڪڍيون پيون وڃن جن ۾ ايراني عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري رهيوآهي.
ايراني ميڊيا موجب، ملڪ جي اعليٰ قيادت به يومِ القدس جي ريلين ۾ شرڪت ڪئي، ايراني صدر مسعود پزشڪيان تهران ۾ نڪتل ريلي ۾ شريڪ ٿيو. ريلي دوران ماڻهن صدر سان هٿ ملايا ۽ ساڻس سيلفيون به ڪڍرايون.
القدس ريلي ۾ ايران جي نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني به شرڪت ڪئي.
ان کانسواءِ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي به تهران ۾ ريلي ۾ شامل ٿيو.
ريلي دوران تهران ۾ انقلاب اسڪوائر ويجهو هڪ ڌماڪو به ٿيو، ان وقت انقلاب اسڪوائر تي يومِ القدس ريلي ۾ هزارين ماڻهو موجود هئا.
علي لاريجاني چيو ته يومِ القدس ريلي تي حملو اسرائيل جي ڪمزوري ۽ مونجهاري کي ظاهر ڪري ٿو، جڏهن ته صدر ٽرمپ سمجهي نه سگهيو ته ايراني قوم مضبوط، باشعور ۽ پُرعزم آهي.
You might also like