آمريڪا طرفان عراق ۾ ڪِري تباهه ٿيل جهاز ۾ 4 فوجي اهلڪار مارجڻ جي تصديق

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سينٽڪام عراق ۾ ڪِري تباهه ٿيل آمريڪي جهاز ۾ 4 فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
سينٽڪام دعويٰ ڪئي آهي ته جهاز ڪنهن دوست يا دشمن جي ڪارروائي جو نشانو نه بڻيو، جڏهن ته هن وقت ريسڪيو جو عمل جاري آهي.
ايران خلاف جنگ دوران آمريڪي جهاز عراق ۾ ڪِري تباهه
آمريڪي سينٽڪام موجب، واقعي ۾ عملي جي 6 مان 4 اهلڪار فوت ٿي ويا.
سينٽڪام طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي ري فيولنگ جهاز ڪي سي 135 عراق جي اولهه واري علائقي ۾ 12 مارچ تي ڪِري پيو، جڏهن ته واقعي جي سببن جو پتو لڳائڻ لاءِ جاچ جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.