نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني مسٽري اسپنر ابرار احمد جي ٽيم ۾ شموليت تي سن رائزرز ليڊز جي مالڪياڻي ڪاويه مارن کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته ٽيم جو ايڪس اڪائونٽ به معطل ٿي ويو.
گذريل ڏينهن آءِ پي ايل فرنچائز سن رائزرز حيدرآباد جي مالڪياڻي ڪاويه مارن دي هَنڊريڊ ليگ ۾ پنهنجي ٽيم سن رائزرز ليڊز لاءِ ابرار احمد کي هڪ لک 90 هزار پائونڊ ۾ خريد ڪيو هو.
ڀارت ۾ ان فيصلي تي ڪيئي واهپيدارن سخت ردعمل ظاهر ڪيو ۽ فرنچائز جي مالڪياڻي ڪاويه مارن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.
واهپيدارن جو چوڻ آهي ته ڪاويه مارن پاڪستاني رانديگر کي ٽيم ۾ شامل ملڪ جي وقار ۽ قوم جي جذبن کي ڇيهو رسايو آهي.
ان کانسواءِ ڀارتي واهپيدارن طرفان آءِ پي ايل فرنچائز سن رائزرز حيدرآباد تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو پيو وڃي.